ڪراچي -04 جون (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي، ته معصوم ٻارن جي لاءِ محفوظ دنيا قائم ڪرڻ اسان جو فرض آهي. ٻارن تي جارحيت خلاف عالمي ڏينهن جي حوالي سان پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته انسانيت جي گهرج آهي، ته اسان ٻارن کي جنگ جي اثرن کان بچايون، فلسطين ۾ معصوم ٻارن تي جنگي ظلم انسانيت خلاف ڏوهه آهن. سنڌ جي وڏي وزير عالمي برادري کان فلسطين ۾ ٻارن تي ظلم بند ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي. سيد مراد علي شاهه چيو ته گڏيل قومون فلسطين ۽ ڪشمير ۾ ٻارن تي اسرائيلي ۽ ڀارتي جارحيت فوري بند ڪرائي، جنگ سٽيل علائقن جي ٻارن لاءِ عالمي سطح تي فوري قدمن جي ضرورت آهي. هن چيو ته ٻارن کي تحفظ ڏيڻ سنڌ حڪومت جي اولين ترجيح آهي. ٻارن جي اغوا، جنسي تشدد ۽ تعليم تي حملا برداشت جوڳا ناهن. هن چيو ته سنڌ حڪومت ٻارن جي حقن جي حفاظت لاءِ پرعزم آهي، تعليم، صحت ۽ تحفظ جي شعبن ۾ ٻارن تي خاص ڌيان ڏئي رهيا آهيون. سنڌ ۾ چائلڊ پروٽيڪشن يونٽس جو دائرو سمورن ضلعن تائين وڌايو ويو آهي. هن چيو ته ننڍي عمر وارن ٻارن جي پورهئي خلاف قانون تي سختي سان عمل ڪيو پيو وڃي. محفوظ ننڍپڻ روشن مستقبل، سنڌ حڪومت جو ٻارن لاءِ ويزن آهي، ٻارن کي استحصال کان بچائڻ لاءِ والدين، استادن ۽ معاشري جو ڪردار اهم آهي.