اسلام آباد – 04 – جون (اي پي پي) پبلڪ پروڪيورمنٽ ريگيوليٽري اٿارٽي (پيپرا) پاڪستان وزيراعظم جي شفافيت، گڊ گورننس ۽ ڪارڪردگي بابت ويزن تي عمل ڪندي 408 ماسٽر ٽرينرز جي تربيت مڪمل ڪري ورتي آهي. گذريل هڪ سال دوران پيپرا 15 خصوصي تربيتي پروگرامز منعقد ڪيا ته جيئن اي پروڪيورمنٽ لاڳو ڪرڻ کي فروغ ڏئي سگهجي ۽ پروڪيورمنٽ قانونن تي عملدرآمد کي يقيني بڻائي سگهجي. پيپرا جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر حسنات احمد قريشي پيپرا هيڊڪوارٽرز ۾ منعقد تقريب دوران تربيتي پروگرامز جي شرڪت ڪندڙن ۾ سرٽيفڪيٽ ورهايا. سند يافته ماسٽر ٽرينرز هاڻي اي – پاڪ ايڪوزيشن اينڊ ڊسپوزل سسٽم يعني اي پيڊز جي حوالي سان پنهنجي لاڳاپيل ادارن ۾ تربيت فراهم ڪندا جنهن سان پاڪستان ۾ عوامي خريداري جي شعبي ۾ ڊيجيٽل ۽ معياري طريقيڪار کي فروغ ملندو. پنهنجي خطاب ۾ حسنات احمد قريشي تربيتي پروگرامز جي اهميت تي زور ڏيندي واضح ڪيو ته پيپرا جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو هڪ منظم ۽ جامع تربيتي منصوبو متعارف ڪرايو ويو آهي ته جيئن اي پروڪيورمنٽ کي اداراجاتي شڪل ڏئي سگهجي ۽ عوامي فنڊز جي شفاف، موثر ۽ منصفاڻي استعمال کي يقيني بڻائي سگهجي. هن شرڪت ڪندڙن کان مطالبو ڪيو ته اهي پنهنجي ادارن ۾ خريداري جي عمل کي فعال طريقي سان اڳتي وڌائين ۽ پنهنجي ساٿين کي اي پيڊز جي موثر استعمال جي تربيت ڏين جيڪو پاڪستان ۾ سرڪاري خريداري جي عمل ۾ انقلاب آڻڻ وڃي رهيو آهي. هن وڌيڪ اعلان ڪيو ته پيپرا ايڪريڊيٽيشن فريم ورڪ کي حتمي شڪل ڏئي رهيو آهي ته جيئن پيشيواراڻي صلاحيتن کي وڌيڪ بهتر بڻائي سگهجي. تقريب ۾ پيپرا جي سينيئر آفيسرن عتيق سلطان راجا، عبدالمجيد، فرخ بشير ۽ ٻين آفيسرن شرڪت ڪئي. وزيراعظم جي ويزن موجب وفاقي وزارتن، ڊويزنز، لاڳاپيل ادارن ۽ خودمختيار ادارن ۾ پروڪيورمنٽ سيلز قائم ڪيا پيا وڃن. پيپرا هڪ جامع تربيتي پروگرام لاڳو ڪري رهيو آهي ته جيئن اي پيڊز جي موثر لاڳو ۽ پبلڪ پروڪيورمنٽ ريگيوليٽري فريم ورڪ تي عملدرآمد کي يقيني بڻائي سگهجي.