اسلام آباد – 04 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان بيلاروس سان معاشي حصيداري وڌائڻ جو خواهشمند آهي، بيلاروس سان انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ دفاعي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ مستحڪم بڻايو ويندو، زرعي مشينري جي تياري جي حوالي سان بيلاروس جي مهارت مان فائدو کڻڻ چاهيون ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار هن بيلاروس جي دفاع واري وزير ليفٽيننٽ جنرل وڪٽر خرينن جي قيادت ۾ 7 رڪني وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وفد ۾ پاڪستان ۾ مقرر بيلاروس جي سفير آندري ميٽيليسٽا بيلاروس جي ڪمانڊر ايئر فورس اينڊ ايئر ڊفينس ميجر جنرل آندري لڪيانووچ ۽ بيلاروسي دفاع واري وزارت جا عملدار شامل هئا. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ بيلاروس جي وچ ۾ بهترين ٻطرفا لاڳاپا آهن جيڪي وقت سان وڌيڪ مضبوط ٿي رهيا آهن. هن چيو ته اسان بيلاروس سان معاشي حصيداري ۾ وڌيڪ واڌ جا خواهشمند آهيون، زرعي مشينري جي تياري جي حوالي سان بيلاروس جي مهارت مان فائدو کڻڻ چاهيون ٿا. وزيراعظم چيو ته بيلاروس سان انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ دفاعي شعبن ۾ پڻ تعاون کي وڌيڪ مستحڪم بڻايو ويندو، هن سال منهنجي بيلاروس جي دوري دوران ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڪيترين ئي مفاهمتي يادداشتن ۽ معاهدن تي صحيحون ٿيون جن جي ڪري ٻطرفي لاڳاپن ۾ وڌيڪ سگهه ايندي. وزيراعظم بيلاروس جي صدر اليگزينڊر لوڪاشينڪو جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي بيلاروس جي وفد کي ڏکڻ ايشيا ۾ تازي ڇڪتاڻ واري صورتحال تي پاڪستان جي موقف کان آگاهه ڪيو. هن چيو ته پاڪستان پهلگام واقعي جي غيرجانبداراڻي جاچ جي آڇ ڪئي جنهن جو مثبت جواب ڏيڻ بدران ڀارت جارحيت جو مظاهرو ڪندي پاڪستان تي حملو ڪيو، شهري آبادي کي نشانو بڻايو جنهن ۾ بيگناهه معصوم شهري شهيد ٿيا. وزيراعظم وفد کي ٻڌايو ته 10 مئي تي پاڪستان پنهنجي دفاع ۾ ڀارتي جارحيت جو ڀرپور جواب ڏنو. بيلاروس جي دفاع واري وزير، وزيراعظم کي بيلاروسي صدر جي نيڪ خواهشن جو پيغام پهچايو. هن چيو ته ڏکڻ ايشيا ۾ امن ۽ استحڪام جا خواهشمند آهيون، منهنجي ۽ منهنجي وفد جي پاڪستان جي دوري جو مقصد بيلاروس ۽ پاڪستان جي وچ ۾ مفاهمتي يادداشتن ۽ معاهدن تي اڳڀرائي کي اڳتي وڌائڻ آهي، پاڪستان – بيلاروس جي ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ذاتي دلچسپي کي ساراهيون ٿا. بيلاروس جي دفاع واري وزير پاڪستان ۾ شاندار استقبال ۽ شاندار ميزباني تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا. ملاقات ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، دفاع وارو وفاقي وزير خواجه محمد آصف، دفاعي پيداوار وارو وفاقي وزير رضا حيات هراج ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسر پڻ موجود هئا.