اسلام آباد – 04 – جون (اي پي پي) وزيراعظم جي ڊيجيٽل ميڊيا بابت خاص معاون ۽ مملڪتي وزير فهد هارون برطانيا جي پوليٽيڪل قونصلر زوئي ويئر جي اعزاز ۾ منعقد الوداعي تقريب ۾ شرڪت ڪئي. پاڪستان ۾ برطانيا جي هاءِ ڪمشنر جين ميريٽ تقريب جي ميزباني ڪئي جيڪا سندس رهائشگاهه تي منعقد ٿي. تقريب ۾ ڪابينا جي ميمبرن، سفارتڪارن، سينيئر سرڪاري آفيسرن ۽ سول سوسائٽي جي اهم شخصيتن شرڪت ڪئي. تقريب جو مقصد برطانيا جي پوليٽيڪل قونصلر زوئي ويئر جي نمايان خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪرڻ ۽ پاڪ – برطانيا لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ ۾ سندس ڪردار کي ساراهڻ هو. ان موقعي تي وزيراعظم جي ڊيجيٽل ميڊيا بابت خاص معاون ۽ مملڪتي وزير فهد هارون زوئي ويئر جي مخلصاڻي وابستگي ۽ سندس مثبت سفارتي ڪردار کي ساراهيو. هن چيو ته زوئي ويئر اصول پسند ۽ فرض شناس سفارتڪار رهي آهي. پاڪستان ۽ برطانيا جي وچ ۾ گڏيل فهم ۽ اعتماد کي فروغ ڏيڻ ۽ گڏيل لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ ۾ سندس ڪوششون موثر ۽ پائيدار رهيون آهن، اسان سندس دوستي ۽ عزم جا شڪرگذار آهيون. هن زوئي ويئر جي سفارتي ڪيريئر جي اڳئين مرحلي جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ۽ يقين ڏياريو ته پاڪستان ۽ برطانيا جي وچ ۾ اسٽريٽجڪ حصيداري کي سمورن گڏيل مفادن جي شعبن ۾ وڌيڪ فروغ ڏنو ويندو.