راولپنڊي -03 جون (اي پي پي) سيڪيورٽي فورسز جي بلوچستان ۾ ٿيل ٻن الڳ الڳ ڪارروائين ۾ ڀارتي حمايت يافته فتنه الهندوستان سان تعلق رکندڙ 7 دهشتگرد مارجي ويا آهن. پاڪ فوج جي سڌ سماءَ واري شعبي (آءِ ايس پي آر) پاران جاري ڪيل بيان مطابق بلوچستان ۾ ضلع ڪڇي جي علائقي مڇ ۾ فتنه الهندوستان جي دهشتگردن جي موجودگي جي اطلاع تي ڪارروائي ڪئي وئي، آپريشن دوران سيڪيورٽي فورسز فتنه الهندوستان جي دهشتگردن جي ٺڪاڻن کي اثرائتي طريقي سان گهيراءُ ڪيو ۽ شديد فائرنگ جي مٽاسٽا کان پوءِ 5 هندستاني حمايت يافته دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪري ڇڏيو. ضلع قلات جي علائقي مارگنڊ ۾ ڪيل هڪ ٻي ڳجهي ڄاڻ تي ٻڌل ڪارروائي ۾ فتنه الهندوستان جي ٺڪاڻن جو پتو لڳائي 2 دهشتگردن کي ڪاميابي سان ماري ڇڏيو. مارجي ويل فتنه الهندوستان جي دهشتگردن وٽان هٿيار، گولا بارود ۽ ڌماڪيدار مواد هٿ آيو، جيڪي ڪيترين ئي دهشتگردي جي سرگرمين ۾ ملوث هئا. پاڪستان جي سيڪيورٽي فورسز ملڪ مان ڀارتي حمايت يافته دهشتگردن جي ناسور کي ختم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي ۽ ڀارتي حمايت يافته دهشتگردي جي مرتڪب ماڻهن ۽ انهن جي سهولتڪارن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ لاءِ قوم جي پختي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي.