واشنگٽن- 3 جون (اي پي پي) آمريڪا چيو آهي ته هو ايران کي ايٽمي پروگرام تي امڪاني معاهدي تحت يورينيم رچاءَ جي اجازت نه ڏيندو. پرڏيهي خابرو اداري مطابق آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سوشل پليٽ فارم تي جاري بيان ۾ چيو آهي ته ايران کي ايٽمي معاهدي تحت يورينيم رچاءَ جي اجازت نه ڏني ويندي. اڳواڻي صدر جوبائيڊن کي ايران جي يورينيم رچاءَ کان گهڻو اڳ ئي روڪڻ گهرجي ها.