اسلام آباد – 03 جون (اي پي پي) گهرو معاملن بابت وفاقي وزير محسن نقوي بلوچستان ۾ فتنه الهندستان جي دهشتگردن خلاف ڪامياب آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ گهرو وزير سيڪيورٽي فورسز جي پيشيواراڻي صلاحيتن جي تعريف ڪئي. هن چيو ته سيڪيورٽي فورسز فتنه الهندوستان جي 7 دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪري وڏي ڪاميابي حاصل ڪئي آهي. فتنه الهندوستان جا دهشتگرد پرڏيهي پٺڀرائي سان بلوچستان ۾ بدامني جي ڪارروائين ۾ ملوث آهن. محسن نقوي چيو ته فتنه الهندوستان جي دهشتگردن جي مڪمل خاتمي تائين بلوچستان ۾ امن جي لاءِ هر حد تائين وينداسين. جڏهن ته گھرو وزير محسن نقوي بنون ٿاڻي تي خوارجي دھشتگردن جو حملو ناڪام بڻائڻ تي خيبرپختونخوا پوليس جي واکاڻ ڪندي چيو آھي ته خيبرپختونخوا پوليس بھادري سان خوارجي دھشتگردن جو مقابلو ڪري حملو ناڪام بڻايو. ھن چيو ته خيبرپختونخوا پوليس جي بھادر سپوتن اڳ به دليري سان خوارجي دھشتگردن جا حملا ناڪام بڻايا ھئا، خيبرپختونخوا پوليس انتھائي پروفيشنل انداز ۾ خوارجي دھشتگردن جي حملي کي منھن ٽوڙ جواب ڏنو ۽ دھشتگردن جي ناپاڪ ارادن کي ناڪام بڻايو. محسن نقوي چيو ته خوارجي دھشتگردن جي ناپاڪ ارادن کي خاڪ ۾ ملائڻ تي پوليس جي سموري ٽيم کي مبارڪباد ڏيان ٿو، خيبرپختونخوا پوليس جي بھادر ۽ پروفيشنل سپوتن تي فخر آھي.