ڪراچي -02 جون (اي پي پي) سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري سان پاڪستان ۾ مقرر عراق جي سفير حامد عباس گورنر هائوس ۾ ملاقات ڪئي. جنهن ۾ ٻه طرفن لاڳاپن، مذهبي سياحت ۽ زائرين کي سهولتن جي فراهمي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. جاري پڌرائي مطابق گورنر چيو ته عراق جي سفير حامد عباس جون سفارتي خدمتون واکاڻ جوڳيون آهن، عراق ۾ پاڪستاني زائرين کي ڏنل سهولتون ساراهه جوڳيون آهن. ڪامران خان ٽيسوري چيو ته پاڪستان عراق سان ڀائراڻن لاڳاپن کي قدر جي نظر سان ڏسي ٿو، پاڪستان ۽ عراق تاريخي، مذهبي ۽ ثقافتي رشتن ۾ جڙيل آهن. ملاقات جي پڄاڻي تي سنڌ جي گورنر عراق جي سفير کي يادگاري شيلڊ به پيش ڪئي.