اسلام آباد -31 مئي (اي پي پي) وزيراعظم جي خاص مددگار هارون اختر خان چيو آهي، ته پرڏيهي سيڙپڪارن جو اعتماد بحال ڪرڻ حڪومت جي پهرين ترجيح آهي، پائيدار سيڙپڪاري جو ڌيان ڇڪائڻ لاءِ ضروري آهي ته سيڙپڪارن کي پاڪستان ۾ تحفظ جو احساس هجي. صنعت ۽ پيداوار واري وزارت پاران جاري پڌرائي مطابق هارون اختر خان سيڙپڪاري جي واپسي ۽ سيڙپڪاري جي تحفظ سان لاڳاپيل وزيراعظم جي ٻن اهم ڪميٽين جي اجلاس جي صدارت ڪئي. اجلاس جو مقصد پاڪستان جي سيڙپڪار دوست ايجنڊا کي هٿي وٺائڻ آهي. اجلاسن ۾ اهم اسٽيڪ هولڊرز شرڪت ڪئي جن ۾ فيڊريشن آف پاڪستان چيمبرز آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري، اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان، ناڻي واري وزارت، بورڊ آف انويسٽمينٽ، لاهور چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري، ريميٽ ۽ ٻيون سينئر اختياريون شامل هيون. اجلاس دوران مينيوفيڪچرنگ سيڪٽر ۾ پرڏيهي سيڙپڪاري جي واپسي کي آسان بڻائڻ لاءِ پاليسي تجويزن تي تفصيلي ڳالهيون ٿيون. ميمبرن سيڙپڪاري جي محفوظ واپسي جي حوالي سان جامع مشاورت ڪئي ۽ سيڙپڪارن جي تحفظ کي مضبوط بڻائڻ ۽ انهن جي اعتماد ۾ اضافي لاءِ ڪيتريون ئي قانوني ۽ پاليسي ترميمون پيش ڪيون. هارون اختر خان ان ڳالهه تي زور ڀريو ته سيڙپڪاري ۾ اضافو وزيراعظم شهباز شريف جي هدايتن تحت پهرين ترجيح آهي. هن وزيراعظم جي ويزن مطابق ڪاروبار دوست ماحول ٺاهڻ جي اهميت کي اجاگر ڪيو. هارون اختر خان چيو ته پرڏيهي سيڙپڪارن جو اعتماد بحال ڪرڻ حڪومت جي پهرين ترجيح آهي. هن چيو ته پائيدار سيڙپڪاري کي راغب ڪرڻ لاءِ ضروري آهي ته سيڙپڪار پاڪستان ۾ محفوظ محسوس ڪن. هن چيو ته ڪميٽي اجلاسن جي نتيجن کي حتمي شڪل ڏئي وزيراعظم سامهون وڌيڪ پاليسي قدمن لاءِ پيش ڪيو ويندو. هارون اختر خان چيو ته صنعت ۽ پيداوار واري وزارت ملڪ ۾ هڪ مستحڪم ۽ پرڪشش سيڙپڪاري ماحول قائم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي.