اسلام آباد-31 مئي (اي پي پي) پاڪستان ڀارت ۾ وڌندڙ اسلاموفوبيا جي واقعن تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي، ته ڀارت ۾ خطرناڪ حد تائين وڌندڙ اسلاموفوبيا تي پاڪستان کي گهڻي ڳڻتي آهي. پاڪستان ڀارت تي زور ڀريو آهي، ته هو مذهب کان مٿانهون ٿي سمورن مذهبن جي شهرين جي حقن ۽ تحفظ کي يقيني بڻائي. ترجمان چيو ته نفرت ڦهلائيندڙ تقريرن، متڀيد وارين ڪارروائين ۽ رياستي مداخلت ذريعي مسلمانن کي نشانو بڻائڻ عالمي برادري لاءِ ڳڻتي جو سبب آهي. هن چيو ته اهڙي وقت ۾ جڏهن تحمل ۽ مفاهمت جي سخت ضرورت آهي، سياسي ۽ نظرياتي مقصدن لاءِ مذهبي نفرت کي هٿي وٺائڻ عالمي انساني حقن جي ذميوارين جي ڀڃڪڙي علائقائي استحڪام ۽ هم آهنگي کي نقصان پهچائڻ جي برابر آهي.