ماسڪو -31 مئي (اي پي پي) سينيٽر مشاهد حسين سيد روس جي پرڏيهي وزير سرگئي لاوروف سان ملاقات ڪئي ۽ تازي پاڪ ڀارت ڇڪتاڻ دوران روس جي هاڪاري اڻ ڌري ڪردار تي سندن شڪريو ادا ڪيو. جاري پريس پڌرائي مطابق هن ماسڪو جي پسگردائي واري شهر پرم ۾ يوريشين فورم جي شروعات کان اڳ روس جي پرڏيهي وزير سان 40 منٽ ڊگهي ملاقات ڪئي. لاوروف سينيٽر مشاهد حسين کان پنج نمايان ايشيائي اڳواڻن تي ٻڌل هڪ وفد جي حصي طور تي ملاقات ڪئي جنهن ۾ چين، ترڪي، ڪوريا ۽ ڪمبوڊيا جا نمائندا شامل هئا. سينيٽر مشاهد حسين کي روس جي پرڏيهي وزارت ۽ حڪمران پارٽي ”يونائيٽيڊ رشيا“ طرفان پاڪستان مان واحد مهمان جي حيثيت سان خاص دعوت ڏني وئي هئي ته جيئن هو يوريشين فورم ۾ اهم خطاب ڪري جنهن ۾ 25 يوريشيائي ملڪن جي 100 کان وڌيڪ نمائندن شرڪت ڪئي. روس جي پرڏيهي وزير زور ڀريو ته روس جي پرڏيهي پاليسي خطي ۾ امن، سلامتي ۽ استحڪام کي هٿي ڏيڻ تي ٻڌل آهي. سينيٽر مشاهد حسين روس جي صدر پيوٽن پاران يوريشين سيڪيورٽي قدمن جي تعريف ڪئي جنهن ۾ سيڪيورٽي کي ناقابل تقسيم تصور ڪيو ويو آهي. ان سلسلي ۾ هن چيو ته هي چين جي صدر شي جن پنگ جي گلوبل سيڪيورٽي انيشيٽو سان هڪجهڙائي رکي ٿو، جيڪو گڏيل قومن جي چارٽر جي پاسداري ڪري ٿو. سينيٽر مشاهد حسين ايشين نيٽو يا انڊو پيسيفڪ اسٽريٽجي جي تصور کي رد ڪيو ڇاڪاڻ ته هي عالمي لاڳاپن جي عسڪريت جي عڪاسي ڪري ٿو. جنهن کان پوءِ چين، ترڪيه، ڏکڻ ڪوريا ۽ ڪمبوڊيا جي ٻين نمايان شين جي اڳواڻن سان گڏ سينيٽر مشاهد حسين يوريشين فورم ۾ روس جي پرڏيهي وزير سان گڏ شرڪت ڪئي. فورم ۾ پنهنجي خطاب ۾ اولهه نواز ٻن اهم اتحادن (ڪواڊ) ۽ ”انڊو-پيسيفڪ اسٽريٽجي“ تي تنقيد ڪئي وئي جن ۾ ڀارت جو فعال ڪردار آهي. اها تنقيد روس طرفان ڀارت جي اولهه نواز ۽ چين مخالف ڪردار تي عوامي رد عمل جي عڪاسي ڪري ٿي. روس جي پرڏيهي وزير جي اهم پاليسي خطاب سان 3 بنيادي نقطا سامهون آيا جيڪي پاڪستان لاءِ خاص اهميت رکن ٿا. هن نام نهاد ”انڊوپيسيفڪ اسٽريٽجي تي تنقيد ڪئي جنهن جو ڀارت اهم حصو آهي. ان سلسلي ۾ هن چيو ته هي انڊو پيسيفڪ ڪڏهن به موجود ئي نه هو بلڪه نيٽو ان کي چين مخالف منصوبن ۾ ڀارت سامهون آڻڻ لاءِ ٺاهيو. لاوروف چار ملڪي فوجي اتحاد ”ڪواڊ“ (آمريڪا، جاپان، آسٽريليا، ڀارت) ۾ ڀارتي شرڪت تي اڻ سڌي تنقيد ڪئي جيڪا بي جي پي سان تعلق رکندڙ 3 پارليامينٽ ميمبرن سميت ڀارت جي 12 رڪني مضبوط وفد سامهون ڪئي وئي. لاوروف ڀارت جي ڪواڊ ۾ شامل ٿيڻ تي چيو ته اسان ڀارتي هم منصب سان ڳالهيون ڪيون جنهن وضاحت پيش ڪئي آهي ته سندن شموليت صرف واپار ۽ معيشت تائين محدود آهي جڏهن ته حقيقت ۾ ڪواڊ ملڪ مستقل مزاجي سان گڏيل سامونڊي مشقون منعقد ڪرڻ جون ڪوششون ڪري رهيا آهن. واضح رهي ته ڪانفرنس ۾ ڀارتي وفد لاوروف جي ان بيباڪ تنقيد تي وائڙو ٿي ويو. لاوروف افغانستان سان لاڳاپيل هڪ اهم ڳالهه چئي. هن نيٽو تي افغانستان ۾ ٻيهر داخلا جي ڪوشش جو الزام لڳائيندي چيو ته پنهنجي ذلت ڀري شڪست جي چئن سالن کان پوءِ نيٽو هڪ ڀيرو ٻيهر افغانستان ۾ نوان داخلي رستا ڳولهي رهيو آهي، روس جي ميڊيا سان ڳالهائيندي سينيٽر مشاهد حسين تازي پاڪ ڀارت ڇڪتاڻ ۾ روس جي حڪومت ۽ عوام جي هاڪاري ڪردار ۽ پاڪستان لاءِ سندن گرمجوشي ۽ دوستي تي سندن ٿورو مڃيو. هن صدر پيوٽن ۽ صدر شي جن پنگ جي ڪوششن جي به تعريف ڪندي چيو ته ٻئي مضبوط اڳواڻ هڪ پرامن ۽ خوشحال يوريشيا جي تعمير لاءِ گڏجي اڳيان وڌي رهيا آهن، جيڪو هڪ اهڙو خواب آهي جنهن ۾ پاڪستان برابر جي شراڪتدار جي حيثيت سان اهم ڪردار ادا ڪندو.