اسلام آباد -31 مئي (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق بلوچستان جي علائقي سوراب ۾ بئنڪ ۽ گهر تي ڀارتي اسپانسرڊ دهشتگردن جي حملي جي شديد مذمت ڪندي چيو آهي، ته دهشتگردن جي ايجنڊا بلوچستان جي ترقي کي روڪڻ آهي، دهشتگردن جي مڪمل خاتمي تائين جنگ جاري رهندي. هتي جاري بيان مطابق اسپيڪر دهشتگرد حملي ۾ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر هدايت الله بليدي جي جاني نقصان تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. اسپيڪر ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر هدايت الله بليدي جي جرئت ۽ بهادري کي خراج عقيدت پيش ڪيو. شهيد آفيسر جي بهادري کي سلام پيش ڪيان ٿو. هن شهيد جي وارثن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو به اظهار ڪيو. هن چيو ته شهيد جي وارثن جي ڏک ۾ برابر جو شريڪ آهيان، عورتن ۽ ٻارن کي نشانو بڻائڻ، دهشتگردي جي بزدلاڻي ڪارروائي آهي. اسپيڪر چيو ته دهشتگردن جي ايجنڊا بلوچستان جي ترقي کي روڪڻ آهي، دهشتگردن جي مڪمل خاتمي تائين جنگ جاري رهندي، قوم شهيدن جي وارثن سان گڏ بيٺل آهي. هن چيو ته پاڪ فوج دهشتگردن جو خاتمو ڪرڻ ۾ ضروري ڪامياب ٿيندي، ڀارتي اسپانسرڊ دهشتگرد جلد پنهنجي انجام تائين پهچندا. هن چيو ته واقعي ۾ ملوث دهشتگردن کي فوري گرفتار ڪري قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو. دهشتگردي جي ان واقعي ۾ ملوث دهشتگردن کي سخت سزا ڏني ويندي. اسپيڪر الله تعاليٰ کان شهيد جي درجن جي بلندي ۽ ڏکويل خاندان لاءِ صبر جي دعا ڪئي.