لاڙڪاڻو-30 مئي (اي پي پي) سنڌ سگهڙ ادبي ڀلائي تنظيم ضلعي لاڙڪاڻي پاران نامياري لوڪ ادب جي پارکو ۽ سگهڙ ڏاڏي ڏتل ابڙي جي پھرين ورسي محلا الهه آباد ۾ ملھائي تقريب ڪوٺائي وئي جنهن ۾ سنڌ جي ڪنڊڪڙڇ کان آيل 70 کان وڌيڪ ناميارن سگهڙن شرڪت ڪئي. تقريب کي صدارتي خطاب ڪندي لطيفيات جي ڄاڻو ناليواري عالم، اديب ۽ نقاد پروفيسر عزيز قاسماڻي چيو ته دراصل ھڪ سگهڙ تاريخ نويس ھجي ٿو، مڪمل سگهڙن وٽ ايترو ته فن آھي جو کين فقط ھڪ حرف جو ھنر بيان ڪرڻ لاءِ سڄي، سڄي رات گهرجي ٿي. سرت ۽ ساڃاهه رکڻ واري کي ئي سگهڙ چئبو آھي، ڏاڏو ڏتل ابڙو به اھڙو ئي سگهڙ ھو. ھن پنھنجي ٽنھي ڪتابن ۾ ھونئن تي سگهڙائپ جي سمورن فني صنفن کي سمويو آھي. سگهڙ ممتاز علي عباسي چيو ته ڏاڏي ڏتل سڄي سنڌ ۾ سگهڙائپ جي فن کي عام ڪيو. استاد محمد ملوڪ سگهڙائپ جي فن جو سمنڊ ھو، ڏاڏو ڏتل ابڙي به ساڳي سمنڊ مان پاڻي پيتو ھو. ڏاڏو ڏتل لوڪ ادب جو نرالو نالو ھو ھن جي فن ۾ تمام گهڻي اٿل ھئي، اسين سڀ سندس فن جا وارث آھيون. نامياري سگهڙ فقير فياض حسين مھيسر چيو ته ڏاڏو ڏتل پيار ۽ محبت جو سمبل ھو، ھن سڄي سنڌ ۾ پيرين پنڌ به پھچي سگهڙائپ جي فن کي اجاگر ڪيو. ھن جي نالي ۾ “ڏاڏي” لفظ جو اضافو سندس استاد محمد ملوڪ عباسي ڪيو. ننڍو ٿيڻ ئي فھم ۽ فضيلت جي سڃاڻپ آھي، ڏاڏو ڏتل پاڻ کي ھميشه ننڍو ڪري پيش ڪندو ھو. دودو ديشي چيو ته ڏاڏي ڏتل ابڙي سگهڙائپ جي فن کي زندهه رکڻ لاءِ ڏاھپ ۽ بردباريءَ کان ڪم ورتو، ھو محفل کي مچائيندڙ شخص ھو. نامياري سگهڙ روشن ڪوري چيو ته ڏاڏو ڏتل ابڙو ھڪ سگهڙ ئي نه پر سگهڙائپ جي فن جو ادارو ھو. ھن ڪيترائي شاگرد پيدا ڪيا جن پڻ پاڻ ملھايو آھي. ناليواري سگهڙ مير شبير عباسي چيو ته ڏاڏو ڏتل ابڙو ڪو لڪل شخص نه ھو پر ھو ھر محفل جي سونھن ھوندو ھو. ھن سان اسان جي روح جا رشتا آھن. سگهڙ امام ڏنو ميراڻي چيو ته ڏاڏو جيڪو به انجام ڪندو ھو ان کي ضرور پاڙيندو ھو. ڏاڏو ھميشه دوستيءَ جو پوک کي پاڻي ڏيندو رھيو. شاعر ۽ براڊ ڪاسٽر خاور قبولائي چيو ته ڏاڏو ڏتل سڀني کي عزت ڏيندڙ ۽ ساهه ۾ سانڍيندڙ شخص ھو. ھن سگهڙائپ جي فن ۾ وڏي محنت ڪئي. آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان لاڙڪاڻو جي عهديدار استاد گل دايو چيو ته ڏاڏو ڏتل سڀني سگهڙن جي سينڌ ھو. ھو ادبي سنگت جي پروگرامن ۾ به محبت سان ايندو ھو. ھن کي سگهڙائپ جي فن سان گڏ شاعري به ايندي ھئي. ھو اڄ به اسان جي دلين ۾ زندهه آھي. ان موقعي تي ميزبان تنظيم جي ضلعي لاڙڪاڻي جي عھديدارن جي چونڊ ڪئي وئي، جنهن موجب صدر ربنواز پريو، نائب صدر محمد يوسف ڀٽي، جنرل سيڪريٽري علي ڏنو مغيري، ڊپٽي جنرل سيڪريٽري ابرار حسين ابڙو، خزانچي سعيد احمد چانڊيو ۽ آفيس سيڪريٽري رانجهن سروھي کي چونڊيو ويو. تقريب ۾ جونيئر ملوڪ عباسي، محمد صالح عباسي، غلام عابد رڏ، حفيظ مھيسر، حاڪم ڪوري، ھشمت شنباڻي، علي حسن سولنگي، علي گوھر خاصخيلي، حريف چنو، قلندر بخش چھواڻ، فقير فياض حسين مھيسر، نظام الدين سولنگي، فقير عرس بليدي، نظر محمد شيخ ۽ ٻين سگهڙن سينگار، ڏٺ، ڏور، ڏھس، ڳجهارت ۽ سگهڙائپ جي ٻيون صنفون پيش ڪري سگهڙائپ جي فن جا واھڙ وھايا. تقريب ۾ آيل سمورن مھمانن کي سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ جون سوکڙيون پيش ڪيون ويون. تقريب جي ڪاروائي سگهڙ علي ڏنو مغيري ۽ خليل الرحمان مھيسر ھلائي.