اسلام آباد-30 مئي (اي پي پي) پيٽروليم واري وفاقي وزير علي پرويز ملڪ حڪومت جي ان عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي ته ڍانچاجاتي سڌارن ۽ صنعتن سان مضبوط رابطن وارين پاليسين تي تيزي سان عملدرآمد کي يقيني بڻايو ويندو ته جيئن ملڪ جي صنعتي ترقي کي وڌيڪ مستحڪم بڻائي سگهجي. پيٽروليم ڊويزن طرفان جاري بيان موجب اهڙو اظهار هن اوورسيز انويسٽرز چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي وفد سان ملاقات دوران ڪيو. ملاقات ۾ مقامي ۽ ملٽي نيشنل ڪمپنين جا سينئر عملدار به موجود هئا. ملاقات ۾ پاڪستان جي توانائي جي ترجيحن ۽ ڊگهي مدي واري معاشي استحڪام تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وفاقي وزير اپ اسٽريم ايڪسپلوريشن، پائيپ لائن جي ترقي ۽ ڊائون اسٽريم پروسيسنگ ۾ سيڙپڪاري جي اهم موقعن جو خاڪو پيش ڪيو جيڪو ماحول دوست توانائي ڏانهن عالمي رجحان سان هم آهنگ آهي. علي پرويز ملڪ تازي پرڏيهي سيڙپڪاري بابت ڪاميابين کي اجاگر ڪيو جن تحت معدنيات جي شعبي ۾ پرڏيهي سيڙپڪارن کي راغب ڪرڻ ۾ نمايان ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن. انهن قدمن جو مقصد ملڪ جي قدرتي وسيلن کي استعمال ۾ آڻڻ، روانگي واپار ۾ اضافو ۽ صنعتي واڌ ويجهه کي سگهه ڏيڻ آهي.