اسلام آباد-30 مئي (اي پي پي) پاڪستان ڪرپٽو ڪائونسل جوا عليٰ سطحي اجلاس سومر 2 جون 2025ع تي ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب جي صدارت ۾ منعقد ٿيندو. ناڻي واري وزارت طرفان جاري بيان موجب اهو اجلاس پاڪستان ۾ ڊجيٽل ڪرنسي ۽ ڪرپٽو جي وسيع تر منظرنامي بابت وڌندڙ ضابطاجاتي ۽ قانوني ڍانچي تي غور ۽ ويچار لاءِ اسٽريٽجڪ فورم طور منعقد ڪيو پيو وڃي. اجلاس ۾ مملڪتي وزير ۽ وزيراعظم جو بلاڪ چين ۽ ڪرپٽو بابت صلاحڪار بلال بن ثاقب پاڪستان ڪرپٽو ڪائونسل جي چيف ايگزيڪيٽو آفيسر طور شريڪ ٿيندو. اجلاس ۾ اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان جو گورنر، سيڪيورٽي اينڊ ايڪسچينج ڪميشن جو چيئرمين، قانون ۽ انصاف ڊويزن جو سيڪريٽري ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪشن جي سيڪريٽرين جي شرڪت متوقع آهي. اجلاس ۾ اهم نڪتن ۾ پاڪستان ۾ ڊجيٽل ۽ ورچوئل اثاثن لاءِ هڪ مضبوط ضابطاجاتي فريم ورڪ جي تياري شامل آهي جيڪا عالمي معيارن ۽ جديد ٽيڪنالاجي جي گهرجن موجب هجي. اجلاس ۾ هڪ اهم موضوع پاڪستان ورچوئل اثاثا جات ريگوليٽري اٿارٽي قائم ڪرڻ لاءِ شروعاتي قدمن تي غور ٿيندو، هي هڪ تجويز ڪيل خودمختيار ادارو هوندو جيڪو ملڪ ۾ ڊجيٽل فنانس ۽ ڪرپٽو ايڪو سسٽم جي نگراني ڪندو. ڪائونسل جو مقصد هڪ محفوظ، شفاف ۽ جدت دوست ضابطي واري ماحول جو بنياد رکڻ آهي ته جيئن بلاڪ چين ٽيڪنالاجي کي ذميواري سان اختيار ڪرڻ، سيڙپڪارن جي تحفظ ۽ مالي شموليت کي هٿي ڏيڻ کي ممڪن بڻائي سگهجي. هي اجلاس پاڪستان ۾ مستقبل جي گهرجن سان هم آهنگ مالياتي ڍانچي کي هٿي ڏيڻ، ڊجيٽل معيشت ۾ استحڪام ۽ ضابطن جي مڪمل پابندي کي يقيني بڻائڻ جي حوالي سان حڪومتي عزم جي عڪاسي آهي.