اسلام آباد-30 مئي (اي پي پي) ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي خانيوال ريلوي اسٽيشن تي مسافر پل جو حصو ڪرڻ جو نوٽيس وٺندي ٽن آفيسرن کي فوري طور معطل ڪري ڇڏيو. گريڊ 18 جو ڊويزنل انجنيئر عابد رزاق، گريڊ 17 جو اسسٽنٽ انجنيئر راجا يوسف ۽ گريڊ 16 جو انسپيڪٽر برج ملتان محمد عادل کي معطل ڪيو ويو آهي. وفاقي وزير پل ڪرڻ تي افسوس جو اظهار ڪندي ذميوارن خلاف سخت ڪارروائي جي هدايت ڪئي آهي ۽ واقعي جي جاچ لاءِ سي اي او ريلوي، آءِ جي ريلوي ۽ ڊي ايس لاهور تي ٻڌل جاچ ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي، جڏهن ته چيف ايگزيڪيٽو آفيسر عامر علي بلوچ کي فوري طور خانيوال روانو ڪيو آهي. واضح رهي ته خانيوال اسٽيشن تي مسافر پل جو هڪ حصو ڪري پيو هو، پل جو حصو ڪرڻ سبب هڪ ريلوي ملازم شهيد جڏهن ته هڪ عورت زخمي ٿي پئي هئي. فوري طور امدادي ڪارروايون ڪيون ويون ۽ پل جي تعمير جو ڪم پڻ شروع ڪيو ويو ۽ ريلوي ٽريفڪ کي معمول موجب هلي رهي آهي.