اسلام آباد – 30 مئي (اي پي پي) موسمياتي تبدلين ۽ ماحولياتي رابطي بابت وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ سان گڏيل قومن جي خوراڪ جي عالمي اداري جي ڪنٽري ڊائريڪٽر ڪوڪواشياما هتي ملاقات ڪئي. موسمياتي تبديلي واري وزارت طرفان جاري بيان مطابق ملاقات جو مقصد پاڪستان ۽ خوراڪ جي عالمي اداري وچ ۾ پنجن سالن جي فريم ورڪ تحت موسمياتي تناظر ۾ سهڪار جي امڪانن جو جائزو وٺڻ هو. ملاقات ۾ پاڪستان ۾ ٻارن جي واڌ ويجهه ۾ رڪاوٽ کي روڪڻ بابت قدمن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي خاص طور تي ماحولياتي تبديلين، تڪرارن، ڪووڊ-19 جي عالمگير وبا سبب پيدا ٿيل معاشي بحران ۽ بدعنواني جي خاتمي تي ڌيان ڏنو ويو. ڌرين اهڙن اڳواٽ ۽ نتيجي جوڳن پروگرامن جي ضرورت تي زور ڀريو جيڪي موسمياتي هڪجهڙائي ۽ پائيدار ريزيلينس کي هٿي ڏيندي غذائي کوٽ جي مسئلي ۽ ڪمزور طبقن کي هدف بڻائين. وفاقي وزير اثرائتي پاليسي تي ٻڌل قدمن ۽ گڏيل منصوبن جي اهميت کي اجاگر ڪيو جن ذريعي ماحولياتي تبديلي کي منهن ڌيڻ جي حڪمت عملي کي مقامي سطح تي لاڳو ڪري سگهجي، خاص طور تي انهن علائقن ۾ جتي غذائي کوٽ ۽ موسمياتي خطرا وڌيڪ آهن.