اسلام آباد-30 مئي(اي پي پي) سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير محمد جنيد انوار چوڌري چيو آهي ته معيشت جي ترقي ۾ بندرگاهن جو ڪردار اهم آهي، ڪاروباري برادري جون شڪايتون فوري طور تي حل ڪيون وينديون. وزارت جاري ڪيل بيان موجب وفاقي وزير ڪراچي ۾ پاڪستان بزنس ڪائونسل فورم جو دورو ڪيو جنهن دوران سامونڊي واپار کي هٿي وٺرائڻ جي حوالي سان معاملا غور هيٺ آيا. ان موقعي تي وفاقي وزير چيو ته معيشت جي ترقي ۾ بندرگاهن جو ڪردار اهم آهي جڏهن ته واپاري برادري جي شڪايتن کي فوري طور تي حل ڪيو ويندو، واپار کي هٿي وٺرائڻ لاءِ پبلڪ پرائيوٽ پارٽنر شپ تمام گهڻي اهم آهي. ڪاروباري برادري کي سهولتون فراهم ڪنداسين. پاڪستان بزنس ڪائونسل جي سامونڊي معاملن جي حوالي سان تجويزن تي سهڪار ڪنداسين. هن وڌيڪ چيو ته ڪاروباري برادري جي مسئلن جي حل لاءِ سنڌ جي وڏي وزير سان ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي. دوري دوران پاڪستان بزنس ڪائونسل وفاقي وزير جي قدمن جي آجيان ڪئي.