اسلام آباد – 30 مئي (اي پي پي) نيشنل ايمرجنسي آپريشنز سينٽر چيو آهي ته قومي پوليو مهم پنجين ڏينهن به اثرائتي انداز سان جاري آهي جڏهن ته شروعاتي چئن ڏينهن دوران سڄي ملڪ ۾ 90 سيڪڙو ٻارن جي ويڪسينيشن مڪمل ڪئي وئي آهي. نيشنل ايمرجنسي آپريشنز سينٽر طرفان جاري تفصيلن مطابق پنجاب ۾ 91 ۽ سنڌ ۾ 87 سيڪڙو ٻارن کي ويڪسين ڏني وئي آهه، خيبرپختونخوا ۾ 93 ۽ بلوچستان ۾ 89 سيڪڙو ٻارن جي ويڪسينيشن مڪمل ڪئي وئي آهي. اسلام آباد ۾ هن وقت تائين 81 سيڪڙو بارن کي پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا پياريا ويا آهن جڏهن ته آزاد ڪشمير ۾ 96 ۽ گلگت بلتستان ۾ 97 سيڪڙو ٻارن جي ويڪسينيشن مڪمل ٿي وئي آهي. پوليو مهم پاڪستان ۽ افغانستان ۾ هڪ ئي وقت جاري آهي. پوليو وائرس اڃان به اسانجي آس پاس جي ماحول ۾ مسلسل موجود آهي. نيشنل ايمرجنسي آپريشنز سينٽر جي اختيارين ماڻهن کي چيو آهي ته پوليو ٽيمن لاءِ دروازا کوليو، ٻارن کي بيماري کان بچايو ۽ ٻارن کي پوليو ويڪسين سميت سمورا حفاظتي ٽڪا وقت سر لڳرايو.