اسلام آباد-30 مئي(اي پي پي) يوٿ ليڊر شپ ڪيمپ جي شاگردن ۽ فيڪلٽي ميمبرن جي 63 رڪني وفد پارليامينٽ هائوس جو دورو ڪيو. پارليامينٽ هائوس پهچڻ تي سينيٽ جي اعليٰ عملدارن وفد جي آجيان ڪئي ۽ وفد کي سينيٽ ميوزيم جو دورو ڪرايو جتي پاڪستان جي پارليماني تاريخ ۽ سينيٽ جي ڪردار تي مشتمل هڪ معلوماتي ڊاڪيومينٽري پڻ ڏيکاري وئي. بعد ۾ وفد کي سينيٽ هال جو پڻ دور ڪرايو ويو جتي وفد کي قانونسازي جي عمل ۽ سينيٽ جي ڪم ڪار واري طريقيڪار تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي . وفد سينيٽ جي ڪارڪردگي ، پارليماني روايتن ۽ جمهوري عمل جي باري ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو . وفد سينيٽ عملدارن جو شڪريو ادا ڪيو ۽ دوري کي يادگار ۽ دلچسپ قرار ڏنو.