اسلام آباد-29 مئي (اي پي پي)آرمي چيف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير چيو آهي ته ڪشمير جو ڪو سودو ممڪن ناهي، ڪڏهن به ڪشمير کي نٿا وِساري سگهون، پاڻي پاڪستان جو ريڊ لائن آهي، 24 ڪروڙ پاڪستانين جي بنيادي حق کي ڪوبه داغ لڳڻ نه ڏبو. آءِ ايس پي آر پاران جاري بيان موجب اهڙو اظهار هن مختلف تعليمي ادارن جي وائيس چانسلرز، پرنسپلز ۽ سينيئر استادن سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته استاد پاڪستان جو سڀ کان وڏو سرمايو آهن، مان جيڪو ڪجهه آهيان پنهنجي والدين ۽ استادن جي ڪري آهيان. فيلڊ مارشل سيد عاصم منير چيو ته پاڪستان جي ايندڙ نسلن جي ڪردار سازي استادن جي ذميداري آهي. استاد پاڪستان جي ڪهاڻي پنهنجي ايندڙ نسلن کي ٻُڌائين. هن چيو ته معرڪه حق ۾ الله تعاليٰ هر طرح سان پاڪستان جي مدد ڪئي ۽ معرڪه حق ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته جڏهن پوري قوم هڪ شيهي جي ڀت بڻجي وڃي ته دنيا جي ڪابه طاقت ان کي ڪيرائي نٿي سگهي. چيف آف دي آرمي اسٽاف چيو ته ڪشمير جو ڪو سودو ممڪن ناهي، ڪڏهن به ڪشمير کي نٿا وِساري سگهون، هندستان ڄاڻي وٺي ته پاڪستان ڪشمير کي ڪڏهن به نه ڇڏيندو. هن چيو ته پاڻي پاڪستان جو ريڊ لائن آهي ۽ 24 ڪروڙ پاڪستانين جي بنيادي حق کي ڪوبه داغ لڳڻ نه ڏبو. پاڪستان هندستان جي هڪ هٺي قبول نه ڪندو. چيف آف آرمي اسٽاف چيو ته هندستان ڪيترن ئي ڏهاڪن کان ڪشمير جي مسئلي کي دٻائڻ جي ڪوشش ڪئي پر هو ناڪام ٿي چڪو آهي، هاڻ اهو ممڪن ناهي، دهشتگردي هندستان جو اندروني معاملو آهي جنهن جو بنيادي سبب اقليتن خاص ڪري مسلمانن تي وڌندڙ ظلم، تعصب پسندي آهي، جڏهن ته ڪشمير هڪ عالمي سطح جو مسئلو آهي. هن چيو ته بلوچستان ۾ دهشتگرد فتنه الهندستان آهن، انهن جو بلوچن سان ڪوبه تعلق ناهي. اسان پاڪستان کي اهڙو مضبوط رياست بنائينداسين جنهن ۾ سمورا ادارا قانون موجب آئين تحت بنا ڪنهن سياسي دٻاءُ، مالي ۽ ذاتي فائدي جي عوام جي فلاح بهبود لاءِ ڪم ڪن، جيڪو به رياست کي ڪمزور بنائڻ جو بيانيو بنائڻ جي ڪوشش ڪري ان جا انڪاري ٿيون. شرڪت ڪندڙن جي سوالن جي جواب جي سيشن ۾ چيو ويو ته هي محفوظ ڌرتي آهي ان پُٺيان وردي آهي، اسان کي پاڪستان ۽ پنهنجي هٿياربند فوج تي فخر آهي، اسان ان سان گڏ بيٺا رهنداسين.