سالز برگ-29 مئي (اي پي پي) آسٽرين اوپن گالف ٽورنامينٽ 30 مئي جمعي کان آسٽريا جي چوٿين وڏي شهر سالز برگ ۾ شروع ٿيندو. آسٽرين اوپن يورپي ٽور تي مردن جي پيشيور گالف ٽورنامينٽ آهي، جنهن کي ڪامياب طريقي سان منعقد ڪرڻ لاءِ تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن. هي ٽورنامينٽ يورپي ٽور جو هڪ مشهور گالف ايونٽ آهي جيڪو پهريون ڀيرو 1990ع ۾ کيڏيو ويو هو. ٽورنامينٽ 70 هولز تي کيڏيو ويندو، ٽورنامينٽ ۾ ٽينس دنيا جا مشهور رانديگر ايڪشن ۾ نظر ايندا. يورپي ٽور ايونٽ ۾ آمريڪا سان تعلق رکندر جان ڪيٽلن پنهنجي اعزاز جو دفاع ڪندو. ٽورنامينٽ لاءِ 27 لک 50 هزار آمريڪي ڊالرن جي انعامي رقم مختص ڪئي وئي آهي. 30 مئي يعني اڄ کان شروع ٿيندڙ هي ٽورنامينٽ 4 ڏينهن تائين جاري رهڻ کانپوءِ 2 جون تي پڄاڻي تي پهچندو. آسٽرين اوپن گالف ٽورنامينٽ اسٽروڪ پلي جي بنياد تي کيڏيو ويندو.