واشنگٽن – 29 مئي (اي پي پي) آمريڪي ڪمپني ٽيسلا جي سي اي او ۽ ارب پتي ايلون مسڪ چيو آھي ته ھن آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي مشير طور حڪومتي عھدو ڇڏي ڏنو آھي. پرڏيھي ميڊيا مطابق ھن ايڪس تي جاري پوسٽ ۾ لکيو ته ھو آمريڪي حڪومت ۾ پنھنجو عھدو مقرر وقت ختم ٿيڻ تي ڇڏي رھيو آھي جنھن جو مقصد وفاقي خرچن کي گھٽائڻ ھو. ھن وڌيڪ لکيو ته ھو آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جو به شڪريو ادا ڪري ٿو جنھن غيرضروري حڪومتي خرچن کي گھٽائڻ ۾ سندس ساٿ ڏنو. ھن ان اميد جو اظھار ڪيو ته ڊپارٽمينٽ آف گورنمينٽ ايفيشنسي (ڊي او جي اي) بهتر بڻجي چڪو آھي. ايلون مسڪ چيو ته مان حڪومتي عھدي تي رھي ڪافي ڪم ڪري ورتو آھي ۽ مان ھاڻي پنھنجو وقت ٽيسلا ۽ اسپيس ايڪس لاءِ وقف ڪندس.