گڏيل قومون-29 مئي (اي پي پي) پاڪستان چيو آهي ته غزه مان بلند ٿيندڙ دانهن تي خاموش نٿو رهي سگهجي ۽ دنيا ان حوالي سان قدمن ۾ هڪ ڏينهن جي به دير جي سٽ سهي نٿي سگهي. گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي عاصم افتخار احمد ان ڳالهه کي نوٽ ڪندي چيو ته گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جون ۾ اسرائيل فسلطين تڪرار جي ٻه رياستي حل تي هڪ ڪانفرنس منعقد ڪندي، سلامتي ڪائونسل تي زور ڀريو آهي ته اها اسرائيل طرفان فلسطينين جي قتل عام، انهن کي معذور بڻائڻ ۽ انهن کي ڏڪار ۾ مبتلا ڪرڻ تي خاموش تماشائي بڻجي نٿي رهي سگهي. سلامتي ڪائونسل ۾ فسلطين جي صورتحال تي بحث دوران پاڪستان جي نمائندي چيو ته تاريخ فلسطين جي حوالي سان اسان کي اسان جي ذميوارين جي عدم ادائيگي تي ڪڏهن به معاف نه ڪندي. پاڪستاني نمائندي چيو ته غزه جي حوالي سان فوري مطالبا واضح آهن جن ۾ جنگ بندي،يرغمالين جي آزادي، انساني بنيادن تي ڪارروائي ۽ معصوم شهرين جو تحفظ شامل آهي جنهن کي هر حال ۾ ممڪن بڻايو وڃي. هن چيو ته پاڪستان ڪائونسل جي سمورن ميمبرن کان غزه ۾ اسرائيلي جارحيت فوري روڪرائڻ جو مطالبو ڪري ٿو ته هو گڏجي هڪ قرارداد ذريعي فوري طور تي فلسطين مسئلي جي منصفاڻي ۽ ڊگهي حل لاءِ جون جي ڪانفرنس لاءِ سازگار ماحول پيدا ڪرڻ ۾ مدد ڪن. هن چيو ته فلسطيني عوام سان خوفناڪ حد تائين گهڻو برو ٿي چڪو آهي ۽ ان جي سڀني ذميوارن جي ڇوٽ جو وقت ختم ٿي چڪو آهي، هن چيو ته غزه جي موجوده حالتن کي نظر ۾ رکندي ڳڻتي جا لفظ ڪافي ناهن ۽ ان حوالي سان ڪائونسل کي درست رخ ۾ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي جنهن ۾ واضح ڪيو وڃي ته اخلاقي ۽ قانوني طور تي گڏيل قومن جي چارٽر تحت غزه ۾ وڌيڪ ڪيترا ظلم اڃان ٿيڻ گهرجن جنهن کانپوءِ سلامتي ڪائونسل ان تي ڪا ڪارروائي ڪندي. هن چيو ته هاڻي غزه ۾ نسل ڪشي روڪڻ جي حوالي سان فوري قدم کڻڻ جو وقت اچي ويو آهي جنهن ۾ دير برداشت جوڳي ناهي. پاڪستاني سفير غزه جي ماڻهن کي پهتل تڪليفن کي پئماش کان مٿانهون ۽ تصور کان ٻاهر قرار ڏنو. هن چيو ته تازي اسرائيلي جارحيت سبب 57 ٻار بک سبب شهيد ٿي چڪا آهن ۽ غزه ۾ بک هاڻي هڪ خطرو نه پر هڪ سنگين حقيقت آهي. هن ٻڌايو ته اسرائيلي حملن سبب غزه ۾ پاڻي، بجلي ۽ مواصلاتي نيٽ ورڪ کي وڏي پئماني تي نقصان سان گڏ 80 سيڪڙو کان وڌيڪ گهر تباهه ٿي ويا آهن ۽ هي اسرائيل ڄاڻي واڻي ڪيو آهي. هن چيو ته 28 هزار کان وڌيڪ عورتون ۽ ڇوڪريون پنهنجي زندگي وڃائي ويٺيون آهن ۽ 50 هزار ڳورهارين عورتن ۾ هزارين عورتن وٽ غير محفوظ حالتن ۾ ٻارن جي پيدائش متوقع آهي. پاڪستاني نمائندي غزه ۾ وڌندڙ تشدد، گهرن کي ڊاهڻ ۽ چرپر تي پابندين سان اولهه ڪناري جي بگڙجندڙ صورتحال تي روشني وڌي. هن سلامتي ڪائونسل تي زور ڀريو ته هو فوري ۽ فيصلائتا قدم کڻي جن ۾ قرارداد 2735 تي مڪمل عملدرآمد ۽ شهرين تي سمورن حملن کي روڪڻ، انساني همدردي جي ٽيمن لاءِ بنا رنڊڪ جي پهچ ۽ امداد جي پهچ تي سمورين پابندين کي فوري طور تي هٽائڻ، فلسطينين کي سندن سرزمين تان زبردستي بي گهر ڪرڻ جي ڪنهن به ڪوشش جي مذمت ٻه رياستي حل تي ٻڌل منصفاڻو ۽ ڊگهي امن لاءِ ڪم ڪرڻ شامل آهي. هن چيو ته غزه جو بحران اسان جي دور جي سنگين ترين انساني بحرانن مان هڪ آهي. واضح رهي ته 193 رڪني اسيمبلي جي اها ڪانفرنس 17 کان 20 جون تائين نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي هيڊڪوارٽر ۾ منعقد ٿيندي جنهن جي صدارت سعودي عرب ۽ فرانس گڏيل طور تي ڪندا.