اسلام آباد – 29 مئي (اي پي پي) پاڪستان انويسٽمينٽ بانڊز جي نيلامي سبب اسٽيٽ بئنڪ کي 187 ارب روپين ۽ ٽريزري بلن جي نيلامي مان 772 ارب روپيا حاصل ٿيا آھن. پاڪستان انويسٽمينٽ بانڊز جي تازي نيلامي مان 200 ارب روپيا حاصل ڪرڻ جو ھدف مقرر ڪيو ويو ھو. اھڙي طرح ٽريزري بلن جي نيلامي مان مجموعي طور 772 ارب روپيا حاصل ڪيا ويا جڏھن ته بلن جي نيلامي جو ھدف 650 ارب روپيا مقرر ڪيو ويو ھو. مختلف مدي جي ٽريزري بلن تي منافعي جي شرح ۾ 9 کان 15 بيسس پوائنٽس جي گھٽتائي ڪئي وئي آھي.