اسلام آباد-29 مئي (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي پمز اسپتال ويو ۽ ڦورن هٿان فائرنگ سبب زخمي پوليس ڪانسٽيبل جعفر جهانگير جي طبيعت پُڇي. گهرو وزارت طرفان جاري بيان موجب گهرو وزير زخمي سپاهي جي بلند حوصلي کي ساراهيو. هن زخمي سپاهي جي طبيعت پُڇي ۽ مڪمل صحتيابيءَ لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. گهرو وزير زخمي سپاهيءَ جي بهترين علاج لاءِ هدايتون ڏنيون ۽ چيو ته زخمي سپاهي جي بهترين علاج لاءِ ڪابه ڪسر نه ڇڏي وڃي. گهرو وزير ان موقعي تي ڳالهائيندي چيو ته اسان سڀ اوهان سان گڏ آهيون ۽ اوهان جي جلد صحتيابيءَ لاءِ دُعاڳو آهيون.