اسلام آباد-29 مئي (اي پي پي) سامونڊي معاملن واري وزارت ڪورنگي فش هاربر جي جديد ڪاريءَ لاءِ انقلابي منصوبي جي شروعات ڪئي آهي، جنهن سان ايندڙ پنجن سالن ۾ سڌي توڙي اڻ سڌيءَ ريت 100 ملين ڊالرن کان وڌيڪ معاشي سرگرمي پيدا ٿيڻ جي اميد آهي. اهي قدم بليو اڪانومي کي هٿي وٺرائڻ جي حڪومتي عزم جو حصو آهي. وزارت موجب ڪورنگي فش هاربر کي جديد رُخن تي آندو پيو وڃي، جنهن ۾ بنيادي ڍانچي ۾ بهتري ۽ فني اپ گريڊيشن شامل آهي. منصوبي سان 3 هزار کان وڌيڪ روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا، جيڪي تعمير، لاجسٽڪس، فش پروسيسنگ ۽ ماهيگيري جي شعبن ۾ دستياب هوندا. ان کان سواءِ سامونڊي خوراڪ جي پروسيسنگ جي صلاحيت ۾ 50 سيڪڙو واڌ جي اميد آهي. هي اسٽريٽجڪ قدم پاڪستان جي 375 ارب ڊالرن جي جي ڊي پي ۾ خاطرخواه حصو وجهندو، سامونڊي معيشت کي مضبوط ڪندو ۽ ڊگهي مُدي جي قومي ترقيءَ کي سهارو ڏيندو.