لاهور-29 مئي (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير جي صلاحڪار خرم شهزاد چيو آهي ته ملڪ معاشي بهتريءَ طرف گامزن آهي، هدف حاصل ڪرڻ لاءِ سياسي استحڪام ضروري آهي. اهڙو اظهار هن گذريل ڏينهن هتي مقامي هوٽل ۾ انسٽيٽيوٽ آف چارٽرڊ اڪائونٽنٽس آف پاڪستان جي انتظام هيٺ ”سي ايف او ڪانفرنس 25ع رائيڊنگ اڪنامڪ ويو: ڇا اسان رفتار حاصل ڪري رهيا آهيون؟“ جي موضوع تي رٿيل تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته هاڻوڪي پاڪ ڀارت جنگ کانپوءِ پاڪستان کي سڄي دنيا مان انتهائي مثبت جواب مليو، ڇاڪاڻ ته پاڪستان پنهنجي سرزمين تي ڀارتي حملن جو مُنهن ٽوڙ جواب ڏيڻ سان گڏوگڏ بهترين سفارتڪاريءَ جو مظاهرو ڪندي دنيا کي به ٻُڌايو ته پاڪستان پُرامن ملڪ آهي. هن چيو ته جنگ کان پوءِ پاڪستان ان عالمي تبديليءَ مان فائدو کڻي رهيو آهي جنهن ان لاءِ بي پناهه موقعا پيدا ڪيا آهن، ان سلسلي ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف پنهنجي ٽيم جي ميمبرن سان گڏ ترڪيه، ايران ۽ وچ ايشيا جو دؤرو ڪيو. هن چيو ته هاڻ ڪيترائي ملڪ پاڪستان سان پنهنجا واپاري ۽ اقتصادي لاڳاپا قائم ڪرڻ يا وڌائڻ جا خواهشمند آهن. پاڙيسري ملڪ چين اسان جو هر وقت ۾ آزمايل گهرو دوست ۽ واپاري حصيدار آهي، ٻئي ملڪ پنهنجي اقتصادي لاڳاپن کي بهتر ڪري رهيا آهن. هن ٻُڌايو ته هو ميوچل فنڊز تي روڊ شو لاءِ برطانيه ويندڙ ناڻي کاتي جي ٽيم جو حصو هو ۽ پاڪ ڀارت ڇِڪتاڻ سبب ان لاءِ پنهنجي ايجنڊا کي جاري رکڻ مشڪل ٿي ويو هو، جڏهن ته ناڻي واري وزير گذريل ڏينهن سيڙپڪارن جي روڊ شو ۾ شرڪت جو فيصلو ڪيو هو ته جيئن پاڪستان جو عالمي سطح تي نقطه نظر واضح ٿي سگهي. هن چيو ته دلچسپ ڳالهه اهي ته جڏهن سيشن ۾ 70 سيڪڙو سيڙپڪارن جو اجتماع ٿيڻو هو، ان ۾ مختلف ملڪن جا 120 سيڙپڪارن شرڪت ڪئي. هن چيو ته ان سيشن دوران اسان سيڙپڪارن کي امن جي باري ۾ پاڪستان جي نقطه نظر ۽ ڀارتي اڳرائيءَ جي جواب ۾ پاڪستان جي ڪيل ردِعمل کان آگاهه ڪيو هو. اسان گهڻين ڪاميابين سان شرڪت ڪندڙن کي باور ڪرايو ته پاڪستان هڪ امن پسند ملڪ آهي جنهن تي هن نه صرف پاڪستان کي ساراهيو پر جنگبنديءَ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جي آڇ ڪئي. هنن پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ ۾ گهري دلچسپي ظاهر ڪئي. خرم شهزاد چيو ته پاڪستان ۾ معدني وسيلن، کاڻين، دفاع، انفارميشن ٽيڪنالاجي، مصنوعي ذهانت جي شعبن ۾ وڏي اقتصادي صلاحيت موجود آهي. هن وڌيڪ چيو ته حڪومت پنهنجي آمدنيءَ ۾ واڌ، معيشت ۽ گورننس کي بهتر بنائڻ لاءِ انهن صلاحيتن مان فائدو کڻڻ لاءِ مؤثر ۽ قابلِ عمل قدم کڻي رهي آهي.