حيدرآباد – 29 مئي (اي پي پي) مهراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي ڄامشورو هڪ ڀيرو ٻيهر هوائي انٽرنيشنل مقابلي ۾ ٽئين پوزيشن وارو عالمي اعزاز حاصل ڪري ورتو آهي. مهراڻ يونيورسٽي ڄامشورو HUAWAI- ICT 2024-2025 مقابلي جي عالمي فائنل مرحلي ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر ٽيون درجو حاصل ڪرڻ جو اعزاز حاصل ڪري ورتو آهي. هوائي هيڊڪوارٽر چين جي شهر شينزن ۾ ٿيل ان مقابلي ۾ تقريبن 2 لک ڏهه هزار شاگردن ۽ شاگردياڻين حصو ورتو، جيڪو اڄ تائين ٿيل اهڙن مقابلن ۾ وڌ ۾ وڌ تعداد آهي. مقابلو 21 هين مئي تي ٿيو جڏهن ته ايوارڊ تقريب 24 هين مئي تي ٿي، علائقائي سطح تي 48 ملڪن جي 179 ٽيمن وچ ۾ مقابلو ٿيو جنهن ۾ مهراڻ يونيورسٽيءَ جي محمد تحسين ٽئين پوزيشن حاصل ڪرڻ جو اعزاز ماڻي ورتو. مهراڻ يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر طحهٰ حسين عليءَ، سمورين فيڪلٽيز جي ڊينز اهڙو اعزاز حاصل ڪرڻ تي محمد تحسين ۽ ٽيم جي سربراهه ڊاڪٽر فهيم يار کهاوڙ کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته مهراڻ يونيورسٽي هڪ ڀيرو ٻيهر هوائي آءِ سي ٽيءَ جو عالمي اعزاز حاصل ڪري يونيورسٽيءَ ۽ ملڪ جا نالو روشن ڪيو آهي.