لاهور – 29 مئي (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته جمهوريت جي تسلسل ۽ ادارن جي استحڪام جي لاءِ گڏيل هم آهنگي جو فروغ لازمي آهي، عوامي مسئلن جي پائيدار حل لاءِ سمورن طبقن سان مشاورت ۽ تعاون سان اڳتي وڌڻو پوندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن گورنر هائوس لاهور ۾ پيپلزپارٽي ڏکڻ پنجاب جي اڳواڻن سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي پنجاب جو گورنر سردار سليم حيدر، پيپلزپارٽي ڏکڻ پنجاب جا اڳواڻ چوڌري ذڪا اشرف، ممتاز علي چانگ، مخدوم شهاب الدين ۽ قومي اسيمبلي ميمبر مخدوم طاهر موجود هئا. ملاقات دوران ڏکڻ پنجاب کي درپيش پراڻي مسئلن ۽ ٻين معاملن بابت صدر کي آگاهه ڪيو ويو. صدر آصف علي زرداري جمهوري قدرن جي استحڪام ۾ سمورين سياسي قوتن جي ڪردار کي ساراهيو. هن چيو ته نوجوان نسل اسان جو سرمايو آهي، انهن جي تعليم ۽ تربيت ۽ حصيداري سان ئي هڪ خوشحال پاڪستان جو بنياد رکي سگهجي ٿو، وفاق جي سطح تي سمورين اڪائين کين گڏ کڻي هلڻ، صوبن سان تعاون کي فروغ ڏيڻ ۽ شهرين جي ڀلائي کي يقيني بڻائڻ ملڪي مفاد جي گهرج آهي. وفد صدر کي فيصل آباد، گجرات ۽ حافظ آباد سميت وچ پنجاب جي ٻين ضلعن جي عوام کي درپيش مسئلن کان آگاهه ڪيو ۽ نوجوانن جي صلاحيتن کي قومي ترقي جي ڌارا ۾ آڻڻ جي حوالي سان تجويزون پڻ پيش ڪيون. صدر چيو ته ملڪ جي سمورن حصن ۾ برابر ترقي، قومي يڪجهتي ۽ جمهوري ادارن جي مضبوطي اولين ترجيحون آهن. ٻئي طرف پنجاب اسيمبلي ميمبر انعام لاليڪا، چوڌري اويس، پيپلزپارٽي جي اڳواڻ نوازش علي پيرزاده، ميان عامر، اتحاد ملازمين او جي ڊي سي ايل جي صدر زاهد ڀٽو ۽ مائره هاشمي تي ٻڌل وفد پڻ گورنر هائوس لاهور ۾ صدر آصف علي زرداري سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ ملڪ جي مختلف سياسي ۽ سماجي مسئلن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. صدر چيو ته پاڪستان جي ترقي ۽ استحڪام جي لاءِ ضروري آهي ته سمورا شعبا، سياسي ۽ سماجي قوتون گڏجي ڪم ڪن، اسان سڀني جو مقصد عوام جي خدمت ۽ ملڪ جي بهتري هجڻ گهرجي. هن چيو ته ڪارڪنن جي حقن جو تحفظ ۽ نوجوانن کي بااختيار بڻائڻ جي لاءِ ٺوس حڪمت عملي اختيار ڪرڻ لازمي آهي.