دوشنبي – 29 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ٻن ڏينهن جي دوري تي تاجڪستان جي گادي واري شهر دوشنبي پهچي ويو. دوشنبي ايئرپورٽ تي تاجڪ وزيراعظم قاهر رسول زاده، تاجڪ نائب پرڏيهي وزير شريف زاده فرخ حمدين، پاڪستان ۾ تاجڪستان جي سفير يوسف شريف زاده ۽ تاجڪستان ۾ پاڪستان جي سفير محمد سعيد سرور وزيراعظم جو شاندار استقبال ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب دوري دوران اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ۽ خاص معاون سيد طارق فاطمي پڻ وزيراعظم سان گڏ آهن. ٻن ڏينهن واري دوري دوران وزيراعظم محمد شهباز شريف تاجڪ صدر امام علي رحمان سان ٻطرفي ملاقات ڪندو جنهن ۾ وزيراعظم تاجڪ صدر سان پاڪستان ۽ تاجڪستان جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ تعاون جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ڪندو ۽ ڏکڻ ايشيائي خطي ۾ ڀارت ۽ پاڪستان جي وچ ۾ تازي ڇڪتاڻ دوران تاجڪستان پاران پاڪستان جي ڀرپور حمايت تي تاجڪ صدر جا ٿورا ادا ڪندو. وزيراعظم محمد شهباز شريف ان دوري ۾ گليشيئرز جي تحفظ تي دوشنبي ۾ منعقد اعليٰ سطحي ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندو جنهن ۾ وزيراعظم شرڪت ڪندڙن کي ماحولياتي تبديلي جي پاڪستان تي اثرن ۽ ماحولياتي تبديلي کان تحفظ ۽ گليشيئرز جي تحفظ جي لاءِ پاڪستان جي اڻٿڪ عزم جي حوالي سان آگاهه ڪندو.