لاچين – 29 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف آذربائيجان جو ٽن ڏينهن جو دورو مڪمل ڪرڻ کانپوءِ تاجڪستان جي گادي واري شهر دوشنبي جي لاءِ روانو ٿي ويو، لاچين جي عالمي هوائي اڏي تي آذربائيجان جي نائب پرڏيهي وزير ايلنور ماميدوف، آذربائيجان ۾ مقرر پاڪستاني سفير قاسم محي الدين ۽ ٻئي سفارتي عملي وزيراعظم کي رخصت ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم پنهنجي آذربائيجان جي دوري دوران آذربائيجان جي صدر الهام عليوف سان ٻطرفي ملاقات ڪئي. هن پاڪستان – ترڪيه – آذربائيجان ٽه ڌريي سمٽ ۾ شرڪت ڪئي ۽ هو آذربائيجان جي آزادي جي ڏهاڙي واري تقريب ۾ پڻ شريڪ ٿيو. وزيراعظم دوشنبي ۾ گليشيئرز جي تحفظ بابت ٿيندڙ عالمي ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندو.