لاچين – 29 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۽ آذربائيجان جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته آذربائيجان سان واپار، دفاع، تعليم، صحت سميت مختلف شعبن ۾ گڏيل تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏينداسين. آذربائيجان پاڪستان ۾ 2 ارب ڊالر جي سيڙپڪاري ڪندو. هن اها ڳالهه آذربائيجان جو دورو مڪمل ڪرڻ کانپوءِ تاجڪستان روانو ٿيڻ کان اڳ لاچين ايئرپورٽ تي ميڊيا سان ڳالهائيندي چئي. وزيراعظم پاڪستان ۽ آذربائيجان جي لاءِ 28 مئي جي اهميت کي بيان ڪندي چيو ته هي هڪ اهم ڏينهن آهي جڏهن 28 مئي 1998ع تي پاڪستان ائٽمي ڌماڪا ڪيا ۽ ائٽمي قوت رکندڙ ملڪ بڻيو، هي ڀائر ملڪ آذربائيجان جي آزادي جو ڏينهن به آهي. هن چيو ته صدر الهام عليوف جي قيادت ۾ آذربائيجان مڪمل طور تي بدلجي چڪو آهي ۽ هن شاندار ترقي ڪئي آهي. هن چيو ته دوري دوران واپار، سيڙپڪاري، ڪاروباري شعبي ۾ حصيداري جي حوالي سان تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هن ٻڌايو ته صدر الهام عليوف پاڪستان ۾ 2 ارب ڊالر جي سيڙپڪاري جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو ته اسان گڏيل مفادن جي لاءِ اها سيڙپڪاري ڪرڻ لاءِ تيار آهيون. وزيراعظم چيو ته اسان واپار، دفاع، تعليم ۽ صحت سميت ٻين شعبن ۾ گڏيل تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏينداسين. بعد ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف آذربائيجان جو ٽن ڏينهن جو دورو مڪمل ڪرڻ کانپوءِ تاجڪستان جي گادي واري شهر دوشنبي جي لاءِ روانو ٿيو ته لاچين جي عالمي هوائي اڏي تي آذربائيجان جي نائب پرڏيهي وزير ايلنور ماميدوف، آذربائيجان ۾ مقرر پاڪستاني سفير قاسم محي الدين ۽ ٻئي سفارتي عملي کيس رخصت ڪيو. وزيراعظم پنهنجي آذربائيجان جي دوري دوران آذربائيجان جي صدر الهام عليوف سان ملاقات ڪئي. هن پاڪستان – ترڪيه – آذربائيجان ٽه ڌريي سربراهي اجلاس ۾شرڪت ڪئي. هن آذربائيجان جي آزادي جي ڏهاڙي جي تقريب ۾ پڻ شرڪت ڪئي. وزيراعظم دوشنبي ۾ گليشيئرز جي تحفظ بابت ٿيندڙ عالمي ڪانفرنس ۾شرڪت ڪندو.