اسلام آباد – 29 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف گڏيل قومن جي امن مشنز کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي ڪوششن ۾ پاڪستان جي عزم ۽ حمايت جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته ڏکڻ ايشيا ۾ تازي واقعن گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۽ ڪشميري عوام جي امنگن موجب ڪشمير مسئلي جي منصفاڻي حل کي يقيني بڻائڻ ۽ گڏيل قومن جي پاڪستان ۽ ڀارت ۾ ملٽري آبزرور گروپ جي ڪردار ۽ موجودگي کي مضبوط ڪرڻ جي ضرورت کي اجاگر ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب گڏيل قومن جي امن دستن جي عالمي ڏينهن تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته اڄ اسان عالمي برادري سان گڏجي گڏيل قومن جي امن دستن جو عالمي ڏينهن ملهائي رهيا آهيون. هي ڏينهن نه رڳو گڏيل قومن جي امن دستن پاران عالمي امن ۽ سلامتي جي لاءِ ڏنل لاتعداد قربانين جي هڪ ياد ڏياري ٿو پر هڪ پرامن، مستحڪم ۽ خوشحال دنيا جي لاءِ انهن امن دستن جي اهم ڪردار جو اعتراف آهي. هن چيو ته گڏيل قومن جي امن مشن جي 7 ڏهاڪن تي ٻڌل تاريخ ۾ 2 لک 35 هزار کان وڌيڪ پاڪستاني امن دستن سڄي دنيا ۾ گڏيل قومن جي 48 مشنز ۾ امتيازي خدمتون سرانجام ڏنيون آهن. 181 پاڪستاني امن فوجين عالمي امن ۽ سلامتي جي لاءِ پنهنجي جانين جون لازوال قربانيون ڏنيون آهن. وزيراعظم چيو ته هي ڏينهن گڏيل قومن جي امن فوج کي درپيش ڪيترن ئي چئلينجن جهڙوڪ وڌندڙ هڪطرفيون پاليسيون، مالي پابنديون، گڏيل قومن جي امن دستن جي حفاظت ۽ سلامتي جي لاءِ وڌندڙ خطرن، غلط معلومات جي بنياد تي گڏيل قومن جي امن ڪاررواين کي نشانو بڻائڻ ۽ نئين ۽ اڀرندڙ ٽيڪنالاجيز جي غيرمستحڪم اثرن وغيره جو جائزو وٺڻ جو مناسب موقعو آهي. وزيراعظم چيو ته اڄ جي ڏينهن آئون عالمي برادري کان مطالبو ڪريان ٿو ته اها عالمي امن ۽ سلامتي کي برقرار رکڻ جي لاءِ گڏيل قومن جي ڪامياب پاليسين جي لاءِ پنهنجي وابستگي جو ورجاءُ ڪري ۽ گڏيل قومن جي امن فوج کي ان تيزي سان اڀرندڙ چئلينجز موجب آڻڻ جي ڪوششن کي ٻيڻو ڪيو وڃي. وزيراعظم ياد ڏياريو ته انهن چئلينجز کي حل ڪرڻ جي ڪوششن ۾ پاڪستان جمهوريه ڪوريا سان گڏجي 15 – 16 اپريل 2025ع تي اسلام آباد ۾ گڏيل قومن جي امن مشن جي وزارتي اجلاس جي گڏيل ميزباني ڪئي جنهن جو موضوع ”هڪ محفوظ ۽ وڌيڪ موثر امن طرف: ٽيڪنالاجي جو استعمال ۽ ٺوس موقف“ هو. هن چيو ته پاڪستان، ڀارت ۽ پاڪستان ۾ گڏيل قومن جي فوجي مبصر گروپ (UNMOGIP) جي ميزباني پڻ ڪري ٿو، جيڪو گڏيل قومن جي سڀ کان پراڻي امن مشنز مان هڪ آهي، جنهن کي ڄمون ۽ ڪشمير جي گڏيل قومن جي تسليم ٿيل تڪراري علائقي ۾ لائين آف ڪنٽرول سان گڏ جنگبندي جي نگراني جو ڪم ڏنو ويو آهي. ڏکڻ ايشيا ۾ تازي واقعن گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۽ ڪشميري عوام جي امنگن موجب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي منصفاڻي حل کي يقيني بڻائڻ ۽ UNMOGIP جي ڪردار ۽ موجودگي کي مضبوط ڪرڻ جي ضرورت کي اجاگر ڪيو آهي. هڪ فوجي تعاون ڪندڙ اهم ملڪ ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي غيرمستقل ميمبر جي طور تي آئون اڄ گڏيل قومن جي امن مشنز کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ سمورين ڪوششن ۾ پاڪستان جي عزم ۽ حمايت جو ورجاءُ ڪريان ٿو.