اسلام آباد – 29 مئي (اي پي پي) صنعت ۽ پيداوار بابت وزيراعظم جي خاص مددگار ھارون اختر خان جي صدارت ھيٺ ٽائلز انڊسٽري جي ترقي لاءِ قائم ڪيل ڪميٽي جو ٻيو اجلاس منعقد ڪيو ويو جنھن جي صدارت دوران ھارون اختر خان ٽائلز انڊسٽري ۽ انجنيئرنگ ڊولپمينٽ بورڊ طرفان پيش ڪيل اڳڀرائي جي رپورٽن جو تفصيلي جائزو ورتو. ھن زور ڀريو ته ٽائلز انڊسٽري کي بند نه ٿيڻ گھرجي ڇو ته اھا ملڪي معيشت لاءِ انتھائي اھم آھي. 2018ع کان اڳ ٽائلز تي 55 سيڪڙو ريگوليٽري ڊيوٽي لاڳو ھوئي، جنھن سبب ساليانو اٽڪل 215 ملين آمريڪي ڊالرن جي ماليت جي ٽائلز امپورٽ ڪئي ويندي ھئي. موجوده دور ۾ اھا صنعت خطي جي ٻي وڏي ٽائلز بڻائڻ وارن ۽ ايڪسپورٽ ڪندڙن جي ڀيٽ ۾ شديد لاڳت جي مسئلن کي منھن ڏئي رھي آھي. پيداوار جي لاڳت 72 سيڪڙو وڌي وئي آھي، جنھن جو وڏو سبب قدرتي گيس ۽ بجلي جي قيمتن ۾ اضافو آھي. ھارون اختر خان پيداواري صنعتن جھڙوڪ ٽائلز جي شعبي کي فائدو فراھم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڀريو ته جيئن ان جي ترقي ۽ پائيداري کي ھٿي ڏئي سگھجي. ھن وزيراعظم شھباز شريف جي ان واضح ويزن کي به ورجايو ته ايڪسپورٽ ۾ اضافو ڪيو وڃي ۽ امپورٽ تي دارومدارگھٽايووڃي. اسان جون صنعتون بند ٿي رھيون آھن، اسان کي انھن کي بچائڻو پوندو ۽ ترقي جي رستي تي گامزن ڪرڻو پوندو. ڪميٽي ٽائلز انڊسٽري جي درپيش چئلينجن کي حل ڪرڻ لاءِ ڪوششون جاري رکڻ ۽ اھڙين پاليسين جي حمايت ڪرڻ تي اتفاق ڪيو جيڪي ملڪي ۽ عالمي سطح جي چٽا ڀيٽي کي وڌائين.