اسلام آباد-29 مئي (اي پي پي) ڪرپٽو بلاڪ چين بابت مملڪتي وزير ۽ پاڪستان ڪرپٽو ڪائونسل جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر بلال بن ثاقب چيو آهي ته ڪرپٽو ڪرنسي ۾ پاڪستان جو مستقبل روشن آهي، عالمي سطح تي ٽيڪنالاجي جي حصيدارن کي راغب ڪرڻ لاءِ پاڪستان بٽ ڪوائن مائننگ ۽ مصنوعي ذهانت جي ڊيٽا سينٽرز لاءِ 2000 ميگاواٽ اضافي بجلي مختص ڪري ڇڏي آهي. هن اها ڳالهه آمريڪا جي شهر لاس ويگاس ۾ منعقد بٽ ڪوائن ويگاس 2025ع ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چئي. هن ڪانفرنس ۾ تاريخي اعلان ڪندي پاڪستان جي پهرين اسٽريٽجڪ بٽ ڪوائن ريزرو جو تعارف ڪرايو جنهن کي حڪومت جي سرپرستي ۾ قائم ڪيو ويو آهي. ان موقعي تي آمريڪا جو نائب صدر جي ڊي وينس، ايرڪ ٽرمپ ۽ ڊونلڊ ٽرمپ جونيئر به موجود هئا. بلال بن ثاقب چيو ته هي رڳو هڪ پاليسي قدم ناهي پر پاڪستان جي عالمي سطح تي نئين سڃاڻپ جي شروعات آهي. هن چيو ته هو صرف هڪ صلاحڪار ناهي پر هڪ پوري نسل جو آواز آهي جيڪو آن لائن، آن چين ۽ پرعزم آهي. بلال بن ثاقب پاڪستان کي ڪرپٽو دنيا ۾ قائداڻي حيثيت ڏيارڻ جي عزم جو اظهار ڪندي چيو ته ملڪ ۾ ڪرپٽو جو مستقبل روشن آهي جتي 4 ڪروڙ کان وڌيڪ ڪرپٽو والٽس، 23 سالن جي سراسري عمر ۽ دنيا جي وڏي فري لانس معيشت موجود آهي، قومي بٽ ڪوائن والٽ قائم ڪيو ويو آهي جنهن ۾ حڪومت جي تحويل ۾ موجود ڊجيٽل اثاثا رکيا ويندا، اهي اثاثا نه وڪرو ڪيا ويندا ۽ نه ئي انهن جي قياس آرائي ڪئي ويندي پر هي پاڪستان جي ڊجيٽل مالياتي مستقبل تي اعتماد جي علامت هوندا. هن آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جو به ٿورو مڃيو جنهن تازي پاڪ – ڀارت ڇڪتاڻ ۾ ٽياڪڙي جو ڪردار ادا ڪيو ۽ ڪرپٽو کي هٿي ڏيڻ ۾ دلچسپي ظاهر ڪئي. بلال بن ثاقب چيو ته پاڪستان بٽ ڪوائن مائنگ ۽ مصنوعي ذهانت جي ڊيٽا سينٽرز لاءِ 2000 ميگاواٽ اضافي بجلي مختص ڪري ڇڏي آهي ته جيئن عالمي سطح تي ٽيڪنالاجي جي حصيدارن کي راغب ڪري سگهجي. هن چيو ته ان ويزن کي حقيقت ۾ بدلائڻ لاءِ پاڪستان ڊجيٽل اثاثا جاتا اٿارٽي قائم ڪئي پئي وڃي جيڪا ضابطن جي نگراني ڪندي، سيڙپڪارن کي تحفظ ڏيندي ۽ ڊجيٽل مالياتي ڍانچي کي منظم ڪندي. هن چيو ته پاڪستان ۽ بٽ ڪوائن ٻنهي کي بدنام ڪيو ويو آهي، پر جيڪڏهن خبرن کان اڳتي ڏٺو وڃي ته ٻئي صلاحيت، استقامت ۽ ويزن جي علامت آهن. هن ان شعبي سان لاڳاپيل سيڙپڪارن ۽ حصيدارن کي دعوت ڏيندي چيو ته پاڪستان ان حوالي سان موزون هنڌ آهي، پاڪستان جا نوجوان، هتي جي توانائي، اوهان جي مشن کي نئين بلندين تائين پهچائي سگهي ٿن.