اسلام آباد – 29 مئي (اي پي پي) حج فلائيٽ آپريشن جاري آھي جڏهن ته ھيستائين 319 اڏامن ذريعي 81 ھزار 950 سرڪاري حج پانڌيئڙا سعودي عرب پھچي چڪا آھن. پاڪستان مان حج اڏامون 31 مئي تائين جاري رھنديون. مذھبي معاملن واري وزارت جي ترجمان مطابق مديني شريف ۾ ترسيل حج پانڌيئڙن جي مڪي آمد به 31 مئي تائين جاري رھندي. ھن چيو ته حج پانڌيئڙن لاءِ منيٰ عرفات ۾ خيمن جي تياري حتمي مرحلن ۾ داخل ٿي وئي آھي. شديد موسم کان حفاظت لاءِ سعودي اختيارين خاص ھداتيون جاري ڪن.