اسلام آباد – 29 مئي (اي پي پي) سڄي دنيا سميت پاڪستان ۾ به والدين جو عالمي ڏينهن پهرين جون تي ملهايو ويندو. ان ڏينهن کي ملهائڻ جو مقصد ٻارن جي بهتر تربيت ۾ والدين جي ڪردار کي اجاگر ڪرڻ آهي. ان ڏينهن جي مناسبت سان سماجي ۽ فلاحي تنظيمون مختلف تقريبن جو اهتمام ڪنديون جن ۾ والدين جي ڪردار بابت آگاهي فراهم ڪئي ويندي جڏهن ته پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا ۾ خاص مضمون ۽ پرگرام شايع ۽ نشر ڪيا ويندا.