اسلام آباد-29 مئي (اي پي پي) توانائي واري وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاري بجلي جي قيمتن ۾ ڪنهن به قسم جي اضافي جي خبرن جي سختي سان ترديد ڪندي چيو آهي ته حڪومت بجلي جي قيمتن ۾ ڪنهن به قسم جو ڪو اضافو ناهي ڪيو، بجلي جي هڪ ڪروڙ 80 لک صارفين لاءِ قيمتن ۾ 50 سيڪڙو تائين لاٿ ڪئي وئي، ايندڙ ٽن سالن ۾ گرڊ کان فراهم ڪرڻ لاءِ وڏي مقدار ۾ بجلي موجود آهي، گذريل هڪ سال کان پاور سيڪٽر ۾ ڪيل اهم سڌارن ذريعي حڪومت صارفين کي رليف فراهم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، گذريل هڪ سال ۾ صنعتي شعبي جو ٽيرف 30 سيڪڙو گهٽجي ويو آهي، حڪومت جي ڪوشش آهي ته پاور ٽيرف ۾ پائيدار بنياد تي گهٽتائي ڪئي وڃي. اهڙو اظهار وفاقي وزير گذريل ڏينهن بجلي جي شعبي ۾ تبديلين تي ورڪشاپ کي خطاب ڪندي ڪيو. سردار اويس احمد خان لغاري چيو ته پاڪستان ۾ متبادل ذريعن کان توانائي جو انقلاب اچي چڪو آهي، هڪ سال کان اسان توانائي جي شعبي ۾ تحقيق ۽ مختلف شين جو تجزيو ڪري رهيا آهيون، آءِ پي پيز سان معاهدن تي نظرثاني ڪري رهيا آهيون، بجلي جي قيمتن ۾ گهٽتائي آئي آهي. هن وڌيڪ چيو ته شمسي توانائي جو ذريعو حيران ڪندڙ آهي، تازين برساتن ۾ شمسي توانائي جي پيداوار ۾ اضافو ٿيو آهي. سردار اويس احمد خان لغاري چيو ته ماضي ۾ توانائي جي شعبي ۾ اندازا حقيقت تي ٻڌل نه هئا، حڪومت جي ڪوشش آهي ته پاور ٽيرف ۾ پائيدار بنياد تي گهٽتائي ڪئي وڃي، پاڪستان ۾ متبادل توانائي جي ذريعن جو انقلاب اچي چڪو آهي، ڪورونا وائرس جي عالمگير وبا جي ڏينهن ۾ توانائي جي گهرج ۾ اضافو ٿيو، مستقبل ۾ حڪومت کي بجلي جي خريداري کان ڌار ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، بجلي جي نظام ۾ ڀاشا ڊيم جي شموليت اهم هوندي. وفاقي وزير چيو ته ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته صارفين کي بجلي جي نظام ۾ ناقص رٿابندي کي منهن نه ڏيڻو پوي، ٽرانسميشن جي نظام ۾ سڌارا ٿي رهيا آهن، ٽرانسفارمرز ۽ فيڊرز تي دٻاءُ بابت معلوم ڪرڻ جي حوالي سان اسان وٽ جديد ٽيڪنالاجي ناهي، پاڪستان ۾ متبادل توانائي جي ذريعن جو انقلاب اچي چڪو آهي، شمسي توانائي جي پيداوار ۾ اضافو ٿيو آهي، ڪوئلي ۽ گئس تي هلندڙ بجلي گهرن جي حوالي سان ڪوشش آهي ته ماحوليات تي اثر نه پوي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته وفاقي ڪابينا جي حڪمن تي نيٽ ميٽرنگ جي پاليسي تي نئين سري سان غور ڪيو آهي، ان حوالي سان اسٽيڪ هولڊرز سان مشاورت ڪئي ويندي ۽ راءِ به ورتي ويندي، جنهن کانپوءِ ڪابينا جي منظوري کانپوءِ پاليسي لاڳو ڪئي ويندي، انڊسٽري لاءِ بجلي جون قيمتون 30 کان 20 سيڪڙو گهٽ ٿيون آهن ۽ اٽڪل هڪ ڪروڙ 80 لک ڪنزيومرز لاءِ 50 سيڪڙو گهٽ ٿيون آهن. هڪ ٻي سوال جي جواب ۾ وفاقي وزير بجلي جي قيمتن ۾ ڪنهن به قسم جي تازي اضافي جي خبرن جي سختي سان ترديد ڪئي ۽ واضح ڪيو ته اهو اضافو رڳو ماهوار فيول ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ آهي جيڪو هڪ معمول جو حصو آهي ۽ حڪومت بجلي جي قيمتن ۾ ڪنهن به قسم جو ڪو به اضافو ناهي ڪيو.