لاچين – 28 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته آرمينيا جي خلاف جنگ ۾ پاڪستان ۽ ترڪيه آذربائيجان جي ڀرپور سياسي ۽ سفارتي حمايت ڪئي، پاڪستان، ترڪيه ۽ آذربائيجان هڪ جان ۽ ٽي دل آهن، پاڪستان جديد جنگي هٿيارن ۽ ٽيڪنالاجي سان ليس پاڻ کي ڪيترائي ڀيرا وڏي دشمن کي ڪجهه گهڙين ۾ شڪست ڏني، ٽه ڌريو اجلاس انتهائي تعميري ۽ ڪارائتو رهيو، عوام جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ گڏجي ڪم ڪندا رهنداسين، ڪشمير مسئلو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب حل ڪيو وڃي، غزه ۾ فوري جنگبندي ۽ فلسطينين تي ظلم بند ڪيا وڃن. اهڙن خيالن جو اظهار هن آذربائيجان جي آزادي جي ڏهاڙي جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب کي آذربائيجان جي صدر الهام عليوف ۽ ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان پڻ خطاب ڪيو. تقريب ۾ فيلڊ مارشل سيد عاصم منير، نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ۽ وزيراعظم جي خاص معاون طارق فاطمي پڻ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي پاڪستان، ترڪيه ۽ آذربائيجان جا قومي ترانا پڻ وڄايا ويا. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته اڄ اسان آذربائيجان جو آزادي جو ڏهاڙو ۽ پاڪستان جو تڪبير ڏهاڙو ملهائي رهيا آهيون جڏهن 28 مئي 1998ع تي پاڪستان ائٽمي طاقت بڻيو، هِن آزادي ڏهاڙي جي تقريب ۾ شرڪت خوشي جوڳي ۽ اعزاز آهي، آذربائيجان جي صدر الهام عليوف ۽ آذري قوم کي آزادي جي ڏهاڙي جي مبارڪباد ڏيان ٿو، صدر الهام عليوف جي عظيم قيادت ۽ دانشمنداڻي ويزن سان 30 سالن کانپوءِ ڪاراباخ کي آزادي ملي، آذربائيجان جي فوج بهادري سان جنگ وڙهي، اسان ان جنگ ۾ شهيد ٿيندڙن کي خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا ۽ بهادري ۽ بلند حوصلن جو مظاهرو ڪندڙ غازين کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا. هن چيو ته ان جدوجهد ۾ ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان ۽ ترڪيه جي عوام آذربائيجان جي ڀرپور حمايت ڪئي ۽ حوصلو وڌايو، مشڪل جي ان عرصي ۾ ترڪيه جي حمايت بهترين هئي، پاڪستان به ان عظيم مقصد جي لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪيو ۽ ڀائر ملڪ جي سياسي ۽ سفارتي حمايت ڪئي. هن چيو ته اسان هڪ جان ۽ ٽي دل آهيون. هن چيو ته پاڪستان پاڻ کان ڪيترائي ڀيرا وڏي دشمن کي ڪجهه عرصو اڳ شڪست ڏني جيڪو آبادي ۽ معيشت جي لحاظ کان تمام وڏو آهي، هن ڪيترن ئي ڏهاڪن ۾ اربين ڊالر دنيا جا جديد ترين هٿيار، جنگي جهاز ۽ جديد ٽيڪنالاجي خريد ڪرڻ تي خرچ ڪيا، 22 اپريل تي والاريل ڪشمير جي علائقي پهلگام ۾ افسوسناڪ واقعو ٿيو، بدقسمتي سان ڀارت فوري طور تي پاڪستان تي ڪوڙو الزام هنيو ۽ حقيقتون مسخ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ دنيا کي اهو پيغام ڏنو ته پاڪستان ان نام نهاد واقعي ۾ ملوث آهي. هن چيو ته اسان فوري طور تي ان واقعي جي شفاف ۽ اعتماد جوڳي جاچ جي لاءِ عالمي انڪوائري ڪميشن جوڙڻ جي تجويز پيش ڪئي پر ڀارت پاڪستان تي حملو ڪري ڇڏيو، ٻارن ۽ عورتن سميت 33 معصوم پاڪستانين کي شهيد ڪيو، اسان ڀارتي حملي ۾ شهيد ٿيندڙ 6 سالن جي ٻار جي جنازي نماز ۾ شرڪت ڪئي، ان حملي ۾ 55 پاڪستاني زخمي ٿيا. وزيراعظم چيو ته اسان 9 ۽ 10 مئي جي رات ڀارتي جارحيت جو ناپي توري جواب ڏيڻ جو فيصلو ڪيو، اسان وطن جي دفاع لاءِ ان جو جواب ڏنو. هن چيو ته ڪجهه گهڙين ۾ اسان جي بهادر فوج 6 ڀارتي جنگي جهاز ڪيرايا جن ۾ چار رافيل جهاز به شامل هئا، اسان ڀارتي ڊرونز به ڪيرايا. هن چيو ته اسان ڀارت کي پيغام ڏنو ته پاڪستان پرامن ملڪ آهي، خطي ۾ امن، خوشحالي ۽ ترقي جو فروغ چاهي ٿو جڏهن ته اسان ڀارتي جارحيت جو منهن ٽوڙ جواب ڏنو. هن چيو ته ڀارت براهموس ميزائيل جي ذريعي پاڪستان ۾ ڪيترين ئي جاين تي حملا ڪيا، فيلڊ مارشل سيد عاصم منير اڻٿڪ اعتماد جو اظهار ڪيو ۽ سندس قيادت ۾ پاڪستان جي هٿياربند فوج دشمن کي تاريخي سبق سيکاريو. شهباز شريف چيو ته اسان ڀارتي فوجي ٺڪاڻن تي حملا ڪيا جڏهن ته انهن اسان جي معصوم شهرين کي نشانو بڻايو، اهو اسان جي ۽ ڀارت جي وچ ۾ واضح فرق آهي. هن چيو ته ڀارت پاڪستان سان جنگبندي جي لاءِ رابطو ڪيو، الله تعاليٰ اسان کي عظيم فتح ڏني ۽ اسان ڀارت جي جنگبندي جي درخواست قبول ڪئي. هن چيو ته جڏهن آرمينيا آذربائيجان تي حملو ڪيو ته پاڪستان، ترڪيه ۽ آذربائيجان جبل وانگر بيٺل هئا، جڏهن ڀارت پاڪستان تي حملو ڪيو ته ترڪ صدر رجب طيب اردوان، ترڪ قوم ۽ آذربائيجان جي صدر الهام عليوف ۽ آذري قوم پاڪستان سان گڏ مضبوطي سان بيٺل هئا ۽ پاڪستان سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪيو، ٽن ڀائر ملڪن جو اتحاد تاريخي لمحو آهي، اسان مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ حمايت ۽ يڪجهتي کي ڪڏهن وساري نه ٿا سگهون، ان ڀائيچاري ۽ دوستي تي ٿورا ادا ڪريون ٿا. هن چيو ته ٽه ڌريي اجلاس جو اڄ ٻيو مرحلو ٿيو، ان ٽه ڌريي اجلاس ۾ اسان جنهن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ جيڪي فيصلا ڪيا ان ڏس ۾ هي اجلاس انتهائي تعميري ۽ متاثر ڪندڙ رهيو. هن چيو ته ٽن دوست ملڪن جا جهنڊا گڏ ڦڙڪي رهيا آهن جيڪو اسان جي وچ ۾ اتحاد، پنهنجي عوام جي لاءِ اميد، پنهنجي لاڳاپن کي بلندي تي وٺي وڃڻ ۽ مسلمان امت جي ترقي ۽ خوشحالي جي عزم جو عڪاس آهي. هن چيو ته ڄمون ۽ ڪشمير ڪاز تي ترڪيه ۽ آذربائيجان جي حمايت تي ٿورائتا آهيون، ڪشمير جي خوبصورت واديءَ ڪشميرين جي رت سان رڱيل آهي، ڀارتي ڏاڍ ۽ ظلم جي خلاف آزادي جي جدوجهد ڪيترن ئي سالن کان جاري آهي، ڪشميرين کي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۽ انهن جي خواهشن موجب انهن جو بنيادي حق خودمختياري جو حق نه پيو ڏنو وڃي، پاڪستان ڪشميرين جي ڪاز سان پختي عزم سان گڏ بيٺل آهي، ڪشميرين کي جلد آزادي ملندي ۽ اهي غلامي مان آزاد ٿيندا. هن چيو ته غزه ۾ عورتن ۽ ٻارن سميت 52 هزار کان وڌيڪ فلسطيني شهيد ٿي چڪا آهن، مهذب دنيا ان تباهي تي ڪڏهن جاڳندي، اسرائيلي جارحيت ۽ ظلمن جي ڀرپور مذمت ڪريون ٿا، ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان جي عالمي سطح تي قيادت جو دنيا اعتراف ڪري ٿي، هن انسانيت جي مسئلن جي حل لاءِ اهم ڪردار ادا ڪيو، اڄ ترڪيه، پاڪستان ۽ آذربائيجان کي غزه ۾ جنگبندي جي لاءِ گڏجي آواز اٿارڻ گهرجي، غزه ۾ انسانيت سوز قدم بند ڪيا وڃن، ٻه رياستي حل تحت فلسطينين کي خودمختياري جو حق ڏنو وڃي جنهن کي پوري دنيا تسليم ڪري ٿي.