اسلام آباد- 28 مئي (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي چيو آهي ته 28 مئي 1998ع جو اهو ڏينهن جڏهن پاڪستان ڀارت جي 5 ڌماڪن جي جواب ۾ 6 ايٽمي ڌماڪا ڪري دشمن کي واضح پيغام ڏنو، پاڪستان ايٽمي ڌماڪي ڪري دنيا کي ٻُڌايو ته اسان دشمن جي ڪنهن به اڳرائيءَ جو مُنهن ٽوڙ جواب ڏيڻ لاءِ هر وقت تيار آهيون. يومِ تڪبير تي خاص پيغام ۾ قوم کي مبارڪون ڏيندي هن چيو ته 28 مئي هر پاڪستانيءَ لاءِ عزت ڀريو ۽ فخر جوڳو ڏينهن آهي. هن واضح ڪيو ته سائنسدانن، پاڪستاني فوج ۽ سياسي قيادت مضبوط پاڪستان جو بنياد رکيو، سمورن سائنسدانن کي قوم سلام پيش ڪري ٿي. هن چيو ته اوهان جو اهو ڪارنامو تاريخ جو سونهري باب آهي. گهرو وزير چيو ته عالمي دٻاءُ، معاشي پابندين ۽ خطرن باوجود 1998ع ۾ ايٽمي ڌماڪا ڪرڻ جرئتمنداڻو قدم هو. گهرو وزير چيو ته يومِ تڪبير صرف هڪ ڏينهن نه پر عزم ۽ همت جو روشن مثال آهي، جيڪو اسان کي هر مشڪل کي مُنهن ڏيڻ جي طاقت عطا ڪري ٿو، يومِ تڪبير اسان جي خودداري، قومي يڪجهتي ۽ اسٽريٽجڪ خودمختياري جو ڏينهن آهي. هن وڌيڪ چيو ته چاغي جي جبلن پاڪستان جي جرئتمنداڻي فيصلي کي سڄي دنيا ۾ گجگوڙ وارو آواز ڏنو، اهي جبل گواهه آهن ته پاڪستان پنهنجي خودمختياري جي تحفظ لاءِ ڪو سمجهوتو نه ڪيو. وفاقي وزير چيو ته موجوده چئلينجز جو مقابلو به ان ئي اتحاد ۽ قرباني سان ڪيو ويندو جنهن جو مظاهرو 28 مئي تي ڪيو ويو. گهرو وزير ان ڳالهه تي زور ڀريو ته ڀارت جي جارحاڻي پاليسين باوجود پاڪستان اڃا به ضبط ۽ تحمل جو مظاهرو ڪيو پر 10 مئي تي عبرتناڪ سبق دشمن کي هميشه ياد رهندو. هن چيو ته ڀارت ڄاڻي ٿو ته پاڪستان جي دفاعي صلاحيت مضبوط آهي ۽ هاڻ هو ڪنهن به ايڊوينچر کان اڳ 100 ڀيرا سوچيندو، اسان دنيا کي ثابت ڪيو آهي ته اسان ذميدار ايٽمي طاقت آهيون. گهرو وزير واضح ڪيو ته پاڪستان امن جو خواهشمند آهي، پر پنهنجي خودمختياري تي ڪو سمجهوتو نه ڪندو. هن چيو ته يومِ تڪبير تي پوري قوم وطن جي دفاع جي بنيادن رکندڙن کي خراجِ عقيدت پيش ڪري ٿي.