اسلام آباد – 28 مئي (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته اڄ جي بدلجندڙ علائقائي سلامتي جي صورتحال ۾ اسان جي ائٽمي صلاحيت هڪ اعتبار جوڳي گهٽ کان گهٽ دفاعي صلاحيت آهي، پاڪستان جنگ جو خواهشمند نه آهي، پرامن گڏيل بقاءَ ۽ عالمي قانون جي احترام جي اصولن تي قائم آهي، تازي اشتعال انگيز ڀارتي جارحيت جي ڏس ۾ پاڪستان اسٽريٽجڪ تحمل ۽ امن جي عزم جو مظاهرو ڪيو. آپريشن بُنيانِ مرصوص تحت اسان جي موثر ردعمل دشمن کي پنهنجون ڪارروايون بند ڪرڻ تي مجبور ڪيو. صدر تڪبير ڏهاڙي جي موقعي تي پوري قوم کي دلي مبارڪباد ڏيندي چيو ته اڄ اسان تڪبير ڏهاڙي جي 27هين سالگرهه ملهائي رهيا آهيون، اڄ جي ڏينهن اسان پنهنجي ائٽمي صلاحيتن جو مظاهرو ڪيو ۽ اسٽريٽجڪ دفاعي طاقت حاصل ڪئي. صدر چيو ته اسان هي ڏينهن ملڪي خودمختياري، آزادي ۽ علائقائي سالميت جي تحفظ جي عزم جي ياد ۾ ملهائي رهيا آهيون. هن چيو ته اڄ اسان پنهنجي انهن سائنسدانن، انجنيئرز ۽ سول ۽ فوجي قيادت کي زبردست خراج تحسين پيش ڪريون ٿا جن جي محنت ۽ لگن سان اها ڪاميابي ممڪن ٿي، اڄ اسان شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا جنهن پاڪستان جي ائٽمي پروگرام جو بنياد رکيو جنهن ملڪي دفاع کي فتح نه ٿيڻ جوڳو بڻايو. صدر چيو ته اسان شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي ڪردار جو پڻ اعتراف ڪريون ٿا جنهن جي سرپرستي ۾ اسان جو ائٽمي پروگرام وڌيڪ اڳتي وڌيو ۽ مضبوط ٿيو. صدر آصف علي زرداري چيو ته ائٽمي طاقت بڻجڻ رڳو اسان جي فني ترقي جو مظهر هو پر اهو طاقت جي ذريعي امن قائم رکڻ، ڏکڻ ايشيا ۾ اسٽريٽجڪ توازن برقرار رکڻ ۽ ڪنهن به ٻاهرئين جارحيت کان قوم جي حفاظت ڪرڻ جو هڪ دانشمنداڻو فيصلو هو. صدر چيو ته اڄ جي بدلجندڙ علائقائي سلامتي جي صورتحال ۾ اسان جي ائٽمي صلاحيت هڪ اعتماد جوڳي گهٽ کان گهٽ دفاعي صلاحيت آهي، اسان جي ائٽمي صلاحيت نه رڳو امن جي ضامن آهي پر ان ڳالهه کي پڻ يقيني بڻائي ٿي ته ڪير اسان جي خودمختياري ۽ قومي سلامتي کي نقصان نه پهچائي سگهي. هن چيو ته پاڪستان جنگ جو خواهشمند نه آهي ۽ پرامن گڏيل بقاءَ ۽ عالمي قانون جي احترام جي اصولن تي قائم آهي، تازي اشتعال انگيز ڀارتي جارحيت جي ڏس ۾ پاڪستان اسٽريٽجڪ تحمل ۽ امن جي عزم جو مظاهرو ڪيو. صدر چيو ته آپريشن بُنيانِ مرصوص تحت اسان جي موثر ردعمل دشمن کي پنهنجون ڪارروايون بند ڪرڻ تي مجبور ڪيو. هن چيو ته اچو تڪبير ڏهاڙي جي موقعي تي هڪ ڀيرو ٻيهر وچن ڪريون ته ملڪي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جو تحفظ ڪنداسين.