سينٽ پيٽرس برگ -27 مئي (اي پي پي) گڏيل قومن جي تهذيبن واري اتحاد جي اعليٰ نمائندي ميگوئل اينجل موراٽينوس چيو آهي، ته اولهه جا ملڪ آزادي جي اظهار جي پنهنجي جنون ۾ ٻين جي جذبن ۽ عقيدن جو احترام ڪرڻ وساري ويهندا آهن. پرڏيهي ميڊيا موجب اها ڳالهه هن تاس جي فرسٽ ڊپٽي ڊائريڪٽر جنرل ميخائل گسمين کي انٽرويو دوران چئي. هن مثال ڏنو ته 1948ع جي يونيورسل هيومن رائيٽس ڊڪليئريشن جي آرٽيڪل 18 ۽ 19 جو ورجاٽ ڪيو ۽ چيو ته هڪ آرٽيڪل تحت اسان کي آزادي جي اظهار جو دفاع ۽ تحفظ ڪرڻو آهي. پر وري ٻئي آرٽيڪل ۾ اهو چيو ويو آهي ته اوهان کي ماڻهن جي مذهبي آزادي، ضمير جي آزادي، عقيدي جي آزادي ۽ انهن جي حقن جي حفاظت ڪرڻ واري حق جودفاع ڪرڻ جو حق آهي ۽ اهي ٻئي ضروري آهن. هن چيو ته اولهه ڪجهه موقعن تي آزادي جي اظهار بابت ڳالهائيندي اهو وساري ويٺو آهي ته هڪ ٻيو آرٽيڪل به آهي جنهن ۾ ٻين ماڻهن جي جذبن ۽ عقيدي جو احترام ڪرڻ جو چيو ويو آهي. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته اسان کي ٻنهي آرٽيڪلز جي مخالفت ڪرڻ بدران انهن تي عمل پيرا ٿيڻ گهرجي ۽ هڪ بهترين توازن پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي. گڏيل قومن جي اهلڪار چيو ته اظهار راءِ جي آزادي جي فريم ورڪ جو درست اندازو لڳائڻ ضروري آهي، ۽ هاڻي ان تي ڪم اڃا رهيل آهي ڇو ته مسئلا بدستور مسئلن جو شڪار آهن. ا