اسلام آباد -27 مئي (اي پي پي) پاڪستان جي ايٽمي ڌماڪن کي 27 سال مڪمل ٿيڻ تي 28 مئي اربع ڏينهن تي تڪبير جو ڏهاڙو ڀرپور جذبي سان ملهايو ويندو. يوم تڪبير ۽ معرڪه حق جي ڪاميابي تي شڪراني جو اظهار ڪرڻ لاءِ مرڪزي ۽ وڏي تقريب پشاور ۽ ميرپور آزاد ڪشمير ۾ منعقد ڪئي ويندي. گلگت بلتستان، سيفران بابت وفاقي وزير انجنيئر امير مقام مهمان خاص هوندو. گلگت بلتستان ۾ پڻ خاص تقريبون ٿينديون. انجنيئر امير مقام کڙي شريف، ميرپور ۾ مرڪزي جلسي کي خطاب ڪندو. ڪي پي ڪي ۾ يوم تڪبير جون تياريون مڪمل ڪيو ويون آهن. مسلم ليگ (ن) سڄي صوبي ۾ خاص تقريبون منعقد ڪندي. انجنيئر امير مقام (ن) ليگ جي سمورين ونگز کي ريليون ڪڍڻ جي به هدايت ڪئي آهي، هن چيو ته يوم تڪبير ۽ يوم معرڪه حق قومي وقار ۽ دفاع تي ڪوبه ٺاهه نه ڪرڻ جو اعلان آهي. قائد نواز شريف ۽ وزيراعظم شهباز شريف کي سلام پيش ڪيون ٿا.