لاچين – 27 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ جمهوريه آذربائيجان جي صدر الهيام عليوف ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سياسي، اقتصادي، دفاعي ۽ ثقافتي تعاون تي اطمينان جو اظهار ڪندي گڏيل طور تي لاڀائتن شعبن ۾ سيڙپڪاري جي ذريعي اسٽريٽجڪ حصيداري کي وسيع بڻائڻ جي لاءِ پنهنجي گڏيل عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي. ٻنهي اڳواڻن علائقائي استحڪام، گڏيل خوشحالي ۽ اهم عالمي معاملن تي اصولي موقف کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ ٺوس ڪوششن جي اهميت تي زور ڏنو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي جمهوريه آذربائيجان جي صدر الهام عليوف سان آذربائيجان جي لاچين شهر ۾ ٻطرفي ملاقات ٿي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار، چيف آف دي اسٽاف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ۽ وزيراعظم جو خاص معاون طارق فاطمي پڻ ملاقات ۾ موجود هئا. ملاقات ٻنهي اڳواڻن ۽ ملڪن جي وچ ۾ وڌندڙ لاڳاپن جي عڪاس آهي. وزيراعظم آذربائيجان جي آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي صدر عليوف ۽ آذربائيجان جي عوام کي مبارڪباد ڏني. وزيراعظم چيو ته آذربائيجان جي عوام جو پاڪستاني عوام سان لازوال رشتو آهي. وزيراعظم ڀارت سان تازي تڪرار دوران پاڪستان جي اڻٿڪ حمايت تي آذربائيجان جي صدر الهام عليوف جا ٿورا مڃيا ۽ ڀائر ملڪ آذربائيجان جي قيادت ۽ عوام پاران يڪجهتي جي اظهار کي ساراهيو، ڀارت جي خلاف معرڪه حق ۾ پاڪستان جي ڪاميابين تي آذربائيجان ۾ جشن ملهايو ويو هو. ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن ٻطرفي لاڳاپن جي مڪمل دائره ڪار جو جائزو ورتو ۽ پاڪستان ۽ آذربائيجان جي وچ ۾ سياسي، اقتصادي، دفاعي ۽ ثقافتي تعاون تي اطمينان جو اظهار ڪيو. هنن گڏيل طور تي لاڀائتن شعبن ۾ سيڙپڪاري جي ذريعي اسٽريٽجڪ حصيداري کي وسيع بڻائڻ جي لاءِ پنهنجي گڏيل عزم جو ورجاءُ ڪيو. وزيراعظم چيو ته ٻنهي ملڪن سدائين هڪ ٻئي جو ساٿ ڏنو آهي. آذربائيجان پاران پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي اڳڀرائي جي حوالي سان وفدن جي مٽاسٽا تي اتفاق ڪيو ويو. ملاقات ۾ اهو به طئي ٿيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ وفدن جي سطح تي ملاقات تمام جلد ڪئي ويندي. وزيراعظم چيو ته لاچين ۾ هن اجلاس جو انعقاد آذربائيجان جي حوصلي ۽ بحالي جي سفر جي عڪاسي ڪري ٿو جيڪو ٻنهي ملڪن جي لاءِ گهري علامتي ۽ جذباتي اهميت رکي ٿو. ٻنهي اڳواڻن علائقائي استحڪام، گڏيل خوشحالي ۽ اهم عالمي معاملن تي اصولي موقف کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ ٺوس ڪوششن جي اهميت تي زور ڏنو. ملاقات جي پڄاڻي تي ٻنهي اڳواڻن پاڪستان– آذربائيجان حصيداري کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ ٻطرفي ۽ علائقائي سطح تي گڏيل مقصدن کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.