رياض-26 مئي (اي پي پي) سعودي عرب جي سپريم ڪورٽ سڀني مسلمانن کي اپيل ڪئي آهي ته اهي اڄ (اڱاري) 29 ذوالقعد جي شام ذوالحج جو چنڊ ڏسڻ جي ڪوشش ڪن. پرڏيهي ميڊيا موجب سپريم ڪورٽ چيو آهي ته ام القريٰ ڪيلنڊر موجب اڱارو 29 اپريل 2025ع ذوالقعدة جي پهرين تاريخ هئي، جڏهن ته ان اعتبار سان اڱارو 27 مئي 2025ع ذوالقعدة جي 29 تاريخ هوندي. سپريم ڪورٽ سعودي عرب جي سڀني مسلمانن کي درخواست ڪئي آهي ته اهي ڄاڻايل تاريخ جي شام تي ذوالحج جو چنڊ ڏسڻ جي ڪوشش ڪن.