واشنگٽن-26 مئي (اي پي پي) آمريڪا جي صدر ڊونلڊ ٽرمپ يورپي يونين مان امپورٽ تي 50 سيڪڙو ٽيرف جو منصوبو 9 جولاءِ تائين ملتوي ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آھي. پرڏيھي ميڊيا مطابق يورپي ڪميشن جي صدر ارسولاوان ڊيرليين جي درخواست کانپوءِ آمريڪي صدر ٽروٿ سوشل تي پنھنجي پوسٽ ۾ چيو ته اھي قدم اسان لاءِ اعزاز جو سبب آھن. ھن چيو ته ارسولاوان ڊيرليين سنجيده ڳالھيون ڪرڻ چاھي ٿي. يورپي يونين جي سربراهه، ڊونلڊ ٽرمپ سان ٽيليفونڪ رابطي کي بھترين قرار ڏيندي چيو ته يورپ ڳالھيون تيزي سان ۽ فيصلائتي طور اڳتي وڌڻ لاءِ تيار آھي. ياد رھي ته جمعي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو ھو ته 27 رڪني يورپي يونين سان ڳالھين جي حوالي سان ڪا به اڳڀرائي ناھي ٿي رھي، ھن پھرين جون کان يورپي يونين جي سموري امپورٽ تي 50 سيڪڙو ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني ھئي. ٻئي پاسي يورپي يونين جي اختيارين ۽ ميمبرن رياستن جي نمائندن کي خبردار ڪيو ھو ته اھڙي طرح جون اٽڪلون ٽرانس اٽلانٽڪ واپاري ڳالھين کي خطري ۾ وجھنديون.