اسلام آباد-26 مئي (اي پي پي) عالمي بئنڪ چيو آھي ته تڪرار، موسمياتي تبديلين، شدت ۽ معاشي لوڏن سبب سڄي دنيا ۾ خوارڪ جي عدم تحفظ ۾ خطرناڪ حد تائين اضافو ٿيو آھي. اھا ڳالھه غذائي تحفظ جي حوالي سان عالمي بئنڪ جي تازي رپورٽ ۾ چئي وئي آھي. رپورٽ مطابق هن وقت دنيا جي مختلف حصن ۾ اٽڪل 29 ڪروڙ 50 لک ماڻھو سخت غذائي تحفظ کي منھن ڏئي رھيا آھن، رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آھي ته غزه جي سموري آبادي سخت غذائي بحران جو شڪار آھي ۽ پنجن مان ھڪ شخص (اٽڪل 5 لک ماڻھو) بک جو شڪار آھن. اھا صورتحال آڪٽوبر 2024ع ۾ ٿيل تجزيي جي ڀيٽ ۾ بدترين آھي.