ڍاڪا _26 (اي پي پي) بنگلاديش جي عارضي حڪومت جي سربراهه محمد يونس ٻي ڏينهن به ملڪ جي ڪيترن ئي سياسي پارٽين سان ڊگهو صلاح مشورو ڪيو ته جيئن چونڊ طرف وڌڻ تي اتفاق راءِ پيدا ڪري سگهجي. پرڏيهي ميڊيا مطابق عارضي حڪومت جي عهديدارن ۽ مختلف سياسي پارٽين جي اڳواڻن ان حوالي سان ٻڌايو ته ٻي ڏينهن جي ڳالهين ۾ به سياسي استحڪام ۽ اتحاد ۽ اتفاق سان اڳتي وڌئڻ تي زور ڏنو ويو. نوبل امن انعام يافته 84 سالن جو محمد يونس بنگلاديش ۾ چونڊون منعقد ٿيڻ تائين نگران حڪومت جي چيف ايڊوائزر جي حيثيت سان قيادت ڪندو. هن ملڪ جي سياسي پارٽين کي چيو ته هو عارضي حڪومت جي قدمن جي مڪمل حمايت ڪن. هن گذريل ڏينهن سياسي پارٽين جي اٽڪل 20 اڳواڻن سان ملاقاتون ڪيون. ان مشاورت ۾ وڏين سياسي پارٽين کان علاوه اهي ماڻهو به شامل هئا جن هلندڙ مهيني حڪومت خلاف احتجاج ڪيو هو. محمد يونس ڪيترائي ڀيرا چئي چڪو آهي ته چونڊن کان اڳ جهموري سڌارا لاڳو ڪرڻ سندس فرض آهي. هن جون 2026ع تائين اهي سڌارا مڪمل طور لاڳو ڪرڻ جو واعدو ڪيو آهي.