اسلام آباد -25 مئي (اي پي پي) سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير محمد جنيد انوار چوڌري چيو آهي، ته ميري ٽائيم ايجوڪيشن اينڊومينٽ فنڊ جو مقصد سامونڊي ڪناري آبادين کي بااختيار بڻائڻ آهي. سامونڊي ڪناري آبادي جي مستحق ۽ باصلاحيت شاگرد وظيفن سان معياري تعليم حاصل ڪري سگهن ٿا. سامونڊي معاملن واري وزارت پاران جاري پڌرائي مطابق وفاقي وزير ميري ٽائيم ايجوڪيشن اينڊومينٽ فنڊ جو اعلان ڪندي چيو ته فنڊ جو مقصد سامونڊي ڪناري آبادين کي بااختيار بڻائڻ آهي، سامونڊي ڪناري آبادي ۾ رهندڙ ٻارن کي وظيفا ڏنا ويندا. وظيفا مستحق ۽ باصلاحيت شاگردن لاءِ هوندا. وفاقي وزير چيو ته فنڊ سان ٻارن کي معياري تعليم تائين پهچ ممڪن ٿي سگهندي. هن چيو ته فنڊ کي مستقبل ۾ قومي سطح تي هٿي ڏني ويندي، فنڊ جي نظم ۽ ضبط لاءِ ڪميٽي جوڙي وئي آهي. محمد جنيد انوار چوڌري چيو ته وظيفن جي منصفاڻي ورهاست کي يقيني بڻايو ويندو.